نوشھروفيروز: اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين جي جنرل باڊي جو اجلاس

اجلاس لاڙڪ هائوس کاهي راهو ۾ ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي جي صدارت هيٺ ٿيو

نوشھروفيروز: اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين جي جنرل باڊي جو اجلاس

نوشھروفيروز(ڊ ر)اسڪارپ ايريگيشن ايمپلائيز يونين ڊويزن نوشهرو فيروز جي جنرل باڊي جو اجلاس لاڙڪ هائوس کاهي راهو ۾ ٿي گزريو اجلاس جي صدارت ڊويزن جي صدر ساگر يوسف منگي ڪئي جڏهن ته آجياڻو ڊويزنل جنرل سيڪريٽري وقار علي لاڙڪ ڏنو اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل عهديدارن جي منظوري ۽ يونين جي ماهوار فيس هئا۔ اجلاس ۾ گزريل اليڪشن کان پو۽ نئي باڊي چونڊڻ جنهن ۾ يونين جي نئي صدر ۽ ٻين عهديدارن۔ چيئرمين۔ وائيس چيئرمين۔ نائب صدر جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن جي منظوري ورتي وئي هائوس مان يڪراءِ سان نئي باڊي جي منظوري ورتي وئي۔ اجلاس ۾ ڊويزن مان سون جي تعداد ۾ مزدورن شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي ساگر يوسف منگي۔ وقار علي لاڙڪ۔۔ چيو ته ڊويزن جي سڀني مزدورن سان اسان هر ڏک سک ۾ حاضر آهيون ۽ سڀئي مسئلا حل ڪرڻ ڄاڻو ٿا مزدورن نه ڀلجن يقين رکن ته ايمپلائيز يونين ئي پورهيتن جو هم آواز آهي ۽ رهندي اسان شهيد اقبال احمد لاڙڪ جي مشن کي هر صورت ۾ زنده رکنداسين۔ اجلاس کي زاهد علي سيال قمرالدين شاه نقوي۔ امجد تڳر قاضي اعجاز نصير ڪلهوڙو بشارت ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻ خطاب ڪيو اجلاس ۾ جيئي مزدور جيئي ايمپلائيز يونين جا نعره گونجي اٿيا آيل مزدورن کي اجلاس جي پڃاڻي تي نگر نياز ڪرايو ويو .