نوشهروفيروز ( ڊ ر ) ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افيئرس سنڌ پاران اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر ۽ سيڪريٽري منور علي مهيسر جي ھدايتن تي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪامپليڪس نوشهروفيروز ۾ يوٿ ڪارڊ ۽ فنانشل لٽريسي بابت ھڪ ڏينھن واري تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ نوشهرو فيروز ۽ آسپاس جي علائقن جي نوجوانن وڏي انگ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي تقريب جي خاص مهمانن جن ۾ علي رضا ، رباب علي تنيو ۽ نيشنل بئنڪ نوشهرو فيروز جي مئنيجر رفيق احمد شاه مالي معاملن بابت پنھنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پنھنجون تجويزون پيش ڪيون . مقررين نوجوانن لاءِ مالي منصوبابندي ، بچت ۽ پئسن جي ذميوارانه استعمال جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪراچيءَ کان آيل ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افيئرس سنڌ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان علي ملاح ”سنڌ يوٿ ڪارڊ“ جي منصوبي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان جي فائدن تي روشني وڌي . هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته هو يوٿ ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪن ۽ ان کي پنهنجي ذاتي توڙي پيشيوراڻي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪن. تقريب ۾ سنڌ ٽي وي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جمشيد احمد راڄپر ، سهيل لارا، سماجي ورڪر زويا لاڙڪ ۽ ٻين شرڪت ڪندڙ پنھنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ نوجوانن کي مفيد تجويزون ڏنيون ۽ تقريب جي اھميت ۽ نوجوانن جي ڪردار تي روشني وڌي . ياد رھي تہ هن تقريب جو مقصد نوجوانن کي مالي طور بااختيار بڻائڻ ۽ ان ۾ مهارتن حاصل ڪرڻ ۽ کين سنڌ يوٿ ڪارڊ بابت معلومات فراهم ڪرڻ آهي تہ جيئن اھي ان کي بهتر استعمال ڪري ان مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگھن .
0 تبصرے