سجاول ضلعي جا واپاري تيل اگهن ۾ واڌ خلاف روڊن تي نڪري آيا

پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي واپس ورتي وڃي: واپارين جو مطالبو

سجاول ضلعي جا واپاري تيل اگهن ۾ واڌ خلاف روڊن تي نڪري آيا

سجاول(گلشيرميربحر)سجاول ضلع جا واپاري روڊن تي نڪري آيا واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سجاول ۾ واپاري ايسوسيئيشن ضلع سجاول پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪرڻ کانپوء مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جنھن جي اڳواڻي واپاري ايسوسيئيشن سجاول جي صدر حافظ رياض ميمڻ ڪئي. ريلي ۾ واپارين ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي واپس ورتي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻي پاسي ميرپوربٺورو چوھڙجمالي۽ دڙو ۾ به مڪمل هڙتال رهي جنھن جي ڪري ضلع جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ڪاروباري مرڪز بند رهيا ۽ روز مري جي زندگي متاثر ٿي