English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۾ ايران تي حملن ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ريلي
154 views
|
05th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي جنگ مڙهڻ سان عالمي امن کي خطرو پيدا ٿيو آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ ملير طرفان آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي مڙهيل جنگ، تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف گلشن حديد ۾ احتجاجي ريلي عوامي تحريڪ ڪراچي جي عبدالله ٻپڙ، علي محمد بلوچ، اقبال جروار، عزيز لانگاھ، ڊاڪٽر رحمت الله بيروھي،سنڌي مزدور تحريڪ جي جبارپليجو، عوامي لائر فورم ملير صدر رستم ميراڻي،سڄاڳ ٻار تحريڪ مرڪزي اگواڻ ڀورا لال جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد مان شروع ٿي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي الله واري چورنگي وٽ پهچي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي جنگ مڙهڻ سان عالمي امن کي خطرو پيدا ٿيو آهي ۽ ان جا اثر سڌي طرح غريب ملڪن جي عوام تي پوندا۔ هنن چيو ته جنگن سبب تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي ۽ عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، روزمره استعمال جون شيون عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي رهيون آهن، جڏهن ته مزدور ۽ پورهيت طبقو سخت معاشي بحران جو شڪار آهي۔هنن مطالبو ڪيو ته ايران خلاف جارحيت بند ڪئي وڃي، تيل جي اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔احتجاج ۾ شريڪ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي آمريڪا، اسرائيل ۽ مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ اڳواڻن اعلان ڪيو ته عوامي مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رکيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گلشن حديد ۾ ايران تي
0 تبصرے