English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏيل حڪومت کي عوام جو ڪو احساس ناھي. سنڌ کي نيلام گھر بڻايو ويو آھي: اياز لطيف پليجو
311 views
|
05th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ گڏيل حڪومت کي عوام جو ڪو احساس ناھي. سنڌ کي نيلام گھر بنايو ويو آھي. پيپلز پارٽي وسيلا وڪڻي حڪومت خريد ڪئي آھي. ھاري، مزدور، پورھيت ھڪ وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جنگ کي بھانو بنائي حڪمران عوام جي معاشي ڦرلٽ ڪري رھيا آھن. بزنس ٽائيڪون کان ٽيڪس نٿو وصول ڪيو وڃي. وزيرن جون شاھ خرچيون بند نٿيون ڪيون وڃي. حڪمران ۽ بيوروڪريٽ مفت جو تيل استعمال ڪن ٿا. باقي عوام لاءِ تيل مھانگو، بجلي مھانگي، گئس مھانگو، تعليم مھانگي، صحت مھانگي، انصاف ناممڪن بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر نظام تبديل نٿو ٿئي. ھڪڙا ڦرلٽ وارا وڃن ٿا تہ نوان چھرا سامھون اچن ٿا، جيڪي عوام کي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو ڏيڻ بدران مھانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جو ڳاٽ ڳچي ۾ وجھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آھي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بنايو ويندو. سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال يا ڊيم منصوبو قبول نہ ڪيو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊيزل مھانگو ٿيڻ ڪري آبادگار پوکي نہ ڪري سگھندا. ساريون ۽ ٻيا فصل نہ ٿي سگھندا. افغان بارڊر بند ٿيڻ سان آبادگارن کي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي. سنڌ جي فصلن جا ھٿرادو اگھ ڪيرائي بيروزگاري ۽ غربت مسلط ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ فوري طور تي ڊيزل جي قيمت گھٽائي آبادگارن کي سبسڊي ڏني وڃي. سنڌ جو آبادگار مسلسل بحران جو شڪار آھي. حڪومت آبادگارن کي مفت ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون فراھم ڪري ته جيئن ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ميرٽ جو قتل ڪيو پيو وڃي. نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ ڪا نئين صنعت نٿي لڳائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
0 تبصرے