ڏاهن سياڻن جو چوڻ آهي ته جيءُ خوش ته جهان خوش، جيڪڏهن جيءُ آهي ته جهان به آهي، اهڙي طرح دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏي نعمت انسان کي جيڪا مليل آهي اها آهي انساني زندگي، صحت، تندرستي، جنهن جو ڪو به نعم البدل نٿو ٿي سگهي، هيءَ زندگي صرف هڪ دفعو ماڻهوءَ کي ملي ٿي ۽ وري اهو جيڪي هيءُ جهان ڇڏي ٿو وڃي اهو وڃڻ بعد سالن جا سال ۽ صدين تائين بلڪ عمر ڀر ويندي قيامت تائين واپس نٿو اچي سگهي، ڄڻ ته اهو پيدا ئي نه ٿيو هجي يا وري آيو گهڙي پل لاءِ پر وڇوڙو صدين جو ڪري وڃي ٿو. تنهن ڪري هرهڪ ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي هن مختصر زندگيءَ ۾ اهو ڪم ڪرڻ کپي ته ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي، ڪنهن کي به اسانجي زبان، هٿ، پير ۽ عمل سان تڪليف نه پهچي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن به حوالي سان ڪنهن به ماڻهوءَ کي اسانجي ڪنهن به فعل منجهان تڪليف رسي ٿي ته اهو پڪو مومن مسلمان ڪيئن ٿي سگهي ٿو ؟، اسان ۾ اڪثر ماڻهو ظاهري ڏيکاءُ ته خوب ڪندا آهن پر باطني پنهنجي نفس امارهه جي خواهشن کي لغام ڏيڻ لاءِ ايترو نه سوچيندا آهن جيترو ظاهر لاءِ ڪندا رهن ٿا. اهڙي طرح هن جهان ۾ زندگيءَ جا هڪڙا سال اچن ٿا ۽ انهيءَ پٺيان ٻيا ويندي ٻار، نوجوان، پيرسن ضعيف العمر ٿي پنهنجي زندگي پياري ٿي وڃي ٿي. هاڻي بدقسمتي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي هن قيمتي ۽ انمول زندگيءَ کي کيل ۽ تماشو بڻائي نمائشي انداز ۾ پاڻ سان گڏ ٻين جي زندگين ۾ زهر وجهي وڃن ٿا. هڪ ته هر نئين سال جنوريءَ جي مهيني اچڻ ۽ پهرين تاريخ ٿئي ٿي ۽ نئون سال اچي ٿو ته پوءِ اوباش ، ڇڙواڳ، بي راهه روي جي رستي تي هلندڙ برگر فيمليز جا نوجوان ( Happy New Year) هيپي نيو ايئر جي شوق ۾ نه ڄاڻ ڪهڙيون خرافات جون ڳالهيون سوچون ۽ فنڪاريون سوچي سمجهي شهرن ۽ ڳوٺن جي مکيه مرڪزي روڊن رستن تي گروپن ٽولن جي صورت ۾ رڳو ( ون ويلنگ ) هڪ ڦيٿي تي موٽرسائيڪل هلائڻ جي موتمار ريهرسل نٿا ڪري ڏيکارين پر انهي سان گڏوگڏ ئي اهي مرڪزي رستي ويندڙ سوين هزارين ماڻهن جي زندگين سان به کيڏن ٿا. جيئن تازو عيدالفطر 21 مارچ بروز ڇنڇر ڏهاڙي پهرين شوال 1447 هجري تي لاڙڪاڻي نصير آباد ۽ شهر جي ٻين روڊن رستن تي بگڙيل نوجوان پنهنجي من مستي فنڪاري ڊرامي بازي جي انداز ۾ پنهنجين موٽر سائيڪلن بائيڪ تي هڪ ڦيٿي تي ون ويلنگ بائيڪ هلائيندي جيڪا انڌيري نگري چرٻٽ راجا واري ڪهاڻي ورجائيندي هڪ بائيڪ جي ڪرڻ سان پويان هڪ ٻئي جي پٺيان تقريبا 800 ماڻهو ڪرندا ويا ۽ پوءِ ملڪ ڍيري ٿي ويو، ڇا ته خوفناڪ ڏکائيندڙ منظر ھيا هر اک اشڪبار روئڻهارڪي بڻجي وئي، ون ويلنگ سبب ڪنهن نوجوان جو دماغ ڦاٽي پيو. ڪنهن جي ٽنگ ڀڄي پئي، ڪنهن جي ٻانهن ٽٽي پئي ته ڪنهن جي دل دماغ رت ۾ ٻڏل ڏسي ماڻهن توبهه توبهه پئي ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل اهڙن ڏکائيندڙ رت ۾ ٻڏل ويڊيوز کي ڏسي به نه پئي سگهجي، اصل ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل تي ڏوهه ڏيون ٿا پر حقيقت ۾ انهن جي والدين کي معذرت سان اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته آخر ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي آهي جو سيکڙاٽ زندگيءَ کي مذاق سمجهندڙ نوجوانن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڇو ٿي سمجهائي وڃي ته ون ويلنگ نه صرف انهن لاءِ پر رستي تان گذرندڙ سوين ٻين انساني زندگين جو پڻ نقصان ڪري سگهن ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿيو هڪڙا ته چند لوفر ون ويلنگ وارا هيا پر پويان عيد جي موقعي تي ڳوٺن کان شهر ۽ شهر کان ڳوٺ ايندڙ ماڻهو به بي گناهه ون ويل بائيڪ وارن جي چڪر ۾ خوفناڪ حادثي جو ڪارڻ بڻجي اسپتالن ڏانهن پهتا، انهن ون ويلنگ وارن بگڙيل نوجوانن لاءِ قانون حرڪت ۾ اچڻ جي سخت کان سخت ضرورت آهي، سڀ کان پهريان هرهڪ ماڻهو کي ٻاهرين روڊن رستن تي هيلميٽ پائڻ لازمي بڻايو وڃي، مکيه مرڪزي رودن رستن تي سي سي ٽي وي ڪيميمرائون لڳايون وڃن جيڪو به غلط رانگ گاڏي، موٽر سائيڪل وغيره هلائي ٿو اڻهي کي فوري طور تي مانيٽرنگ ڪندي نه صرف چالان ئي ڪافي آهي پر چڱي ڀلي سزا لڳائي جيل اماڻيو وڃي، ڏهه ٻارهن سالن جي عمر وارن ننڍن ڇوڪرن تي پابندي لڳائي وڃي آهي بائيڪ، ڪار وغيره ڪا به ننڍي وڏي گاڏي نٿا هلائي سگهن، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٽريفڪ نظام ۾ خاص ڪري ٽريفڪ پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي مطابق ٽريننگ سکيا ڏيئي ڊيوٽي تي لڳايو وڃي ۽ ڪنهن به طرح ٽريفڪ پوليس ڪنهن به سفارش رشوت ڪلچر کي هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي، لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ پوليس ۾ بهترين ٽريفڪ پوليس جوان به آهن جهڙوڪ سرتاج احمد وڳڻ ، جيلس بازار ۾ مولانا عاشق رسول ۽ ٻيا نالا شامل آهن، ايماندار آفيسرن کي شهر جي چوراهن روڊن رستن تي مقرر ڪيو وڃي، ون ويلنگ خرافات کي منهن ڏيڻ تمام آسان آهي اهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن داداگيري بدمعاشي ڪندڙ ڇورن کي خبردار ڪرڻ لاءِ پڪڙي ڪن گوڇي ڪرائين، مرغو بڻائين ، انهن جون گاڏيون ضبط ڪيون وڃن، آئنده اهڙي حرڪت ڪرڻ تي اڃان به سخت ڪاروائي ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، هڪ ڪلو ميٽر پيدل ڀڄائين ۽ انهن کي توبهه تائب ڪرائن ته آئنده ڪڏهن به ڪهڙي به روڊ رستي تي اهڙي ون ويلنگ جهڙي خوفناڪ حرڪت خرافات داداگيري بدمعاشي نه ڪندا، آء هڪ دفعي ڪراچيءَ جي ايئر پورٽ روڊ تي ڪنهن دوست کي قائد اعظم انٽر نيشنل ايئر پورٽ تائين رسيو ڪرڻ بعد واپسي ٿي ته 20 يا 25 نوجوان جن ۾ اڪثر نوجوانن جي عمر 15 کان 20 هئي، اهي ون ويلنگ ذريعي ۽ موٽر سائيڪلن تي هڪڙا سمهي، هڪڙا بيهي ۽ ٻيا وري ٽنگهون اڀيون ڪري ڄڻ ته ڪنهن موت جي کوهه وانگر ڪرتب ڪري رهيا هيا موٽر سائيڪلون هلائي رهيا هئا ۽ ٿوري ئي دير ۾ انهن مان هڪ بدنصيب نوجوان جي ون ويلنگ جي سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪري ٿي پوءِ ته جيڪي انهيءَ جي ڀرسان وارا موٽر سائيڪلن وارا هيا اهي به ڪرندا پئي ويا ۽ ڪراچيءَ جي خطرناڪ ٽرئفڪ ۽ مرڪزي روڊ سو به ايئر پورٽ روڊ هرهڪ پاڻ سمجهي سگهي ٿو ته ڪيڏي نه انهي مرڪزي روڊ تي هر وقت رش هوندي آهي پوءِ انهن ون ويلنگ وارن جي موٽرسائيڪلن جي هڪ ٻئي مٿان ۽ اهڙي طرح 8، 10 موٽر سائيڪلون ڪرڻ ۽ انهن جي پويان ڪارون، سوزوڪيون ۽ ٻيون سواريون وڏيون حادثاتي عمل سبب ڪيترن ماڻھو رت رت ٿيندا رهيا ۽ هر طرف رت جا دريا وھڻ لڳا توبهه زاري مالڪ پناهه م رکي حادثاتي موت کان آمين ثم آمين يا رب العالمين، ڪراچي جي روڊ تي اهو وڏو شديد نقصان ٿيندو رهيو ۽ ڪيترن جون انساني جانيون موڪلائي ويون، نئين سال جي موقعي تي خوشين بجاءِ ماتم برپا ٿي ويو ۽ هر طرف روڄ ۽ راڙو شروع ٿي ويو ۽ ٻيا ون ويلنگ وارا رت ۾ ٻڏل زخمين ۽ لاشن کي اسپتال پهچائڻ ۾ مصروف ٿي ويا، ٻيا وري نئين سال هيپي نيو ايئر جي شوق ۾ بدمست بڻجي شهر شهر هندن جي مخصوص شراب جي دڪانن تان بغير ڪنهن رنڊ روڪ جي شراب جون بوتلون وٺي سر عام روڊن رستن ۽ هوٽلن تي واپرائيڻ لڳن ٿا ۽ پوءِ جيڪا نئين سال جي نالي تي غير اخلاقي، غير انساني ۽ غير قانوني لتاڙ ڪندي جديد ترين هٿيارن سان هٿيارن جي نمائش ڪندي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي.انهيءَ تي ڪورٽن ۾ ويٺل قانون جي جج صاحبان، رينجرس، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي گذارش آهي ته خدارا نئين سال جي اچڻ کان اڳ ۾ قانوني طرح ڪي سخت ترين ۽ عملي طرح جا قدم کڻندي بي لغام شراب جي بدمست ماڻهن کي ڇڙواڳ ڇڏڻ بجاءِ انهن کي لغام وجهندي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ون ويلنگ، شراب جي وڪرو ۽ هٿيارن جي نمائش ڪرڻ ۽ هٿيار هلائڻ تي حد جي ايس ايڇ او کي پابند ڪندي انهن خرافات ۾ ملوث جوابدارن ڏوهارين کي هٿ ڪري سگهجي ٿو ۽ انهي سلسلي ۾ ڪنهن به طرح قانون کان ڪو به بالاتر نه سمجهو وڃي ۽ سڀ جوابدار ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري هڪ سخت ترين قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، نهيءَ مامري ۾ وزيرن، مشيرن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اولاد جو ڪو به لحاظ رکڻ بجاءِ قانون جو مان مٿانهون ڪيو وڃي، باقي نه ته هرسال اهڙي طرح انهن شراب جي نشي ۾ الوٽ بگڙيل والدين جي اولاد اوباش نوجوانن جي غلط عمل جي ڪري ڪيترن کلندڙ مسڪرائيندڙ گهرن ۾ خوشين بجاءِ نئين سال ۾ ماتم برپا ٿي وڃي ٿو، هڪڙا قدرتي طور تي ماڻهو پنهنجي مالڪ حقيقي ڏانهن وڃن ٿا ته اها هڪ الڳ جدا ڳالهه آهي، اهي مالڪ جي رضاءَ موجب وڃن ٿا، پر ٻيا وري بدمست، بدحواس ۽ ڇڙواڳ ماڻهن جي بندوقن، ڪلاشنڪوف ، پسٽل وغيره جي گولين سبب واقعات رونما ٿيندا رهن ٿا جنهن جا اهي بد مست ماڻهو جوابدار آهن ۽ انهن ماڻهن کي ضرور سزا جي عمل مان گذاريو وڃي ائين نه ٿئي ته اهي خان، نواب، رئيس، ڀوتار ۽ وڏيري وغيره جي اولاد سبب اهي ملوث جوابدار هجڻ باوجود لسٽ مان آجها سمجها وڃن، قانون سڀني لاءِ برابر آهي جيڪو به غلط ڪم ڪار، نامناسب سرگرمين ۾ ملوث هجي، هٿيارن جي نمائش ڪندڙ هجي، شراب جي نشي ۾ الوٽ بڻجي پنهنجي گاڏي سان ماڻهن کي حادثاتي عمل جو سبب بڻجي لتاڙ ڪندڙ، نئين سال جي خوشيءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ هجي يا وري معاشري، ملڪ جي پرامن شهرين جي وچ ۾ هوائي فائرنگ ڪندي تاءُ پکيڙيندي، خوف ۽ هراس وارو ماحول برپا ڪندڙ هجي ته انهيءَ کي لغام ڏيڻ لاءِ انهيءَ عمل کي روڪڻ لاءِ قانون انهي وقت حرڪت ۾ نه ايندو ته پوءِ باقي ڪڏهن ايندو؟، شايد انهن شراب جي نشي ۾ بدمست ۽ ڇڙواڳ ماڻهن کي خبر ناهي ته انهن جي نئين سال جي يا ڪن ٻين موقعن تي ٿيندڙ هوائي فائرنگ سان مسجد ۾ نمازين جي عبادت ڪندي عبادت جي ذوق شوق ۽ تسلسل ۾ رخنو ۽ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي، اسپتالن ميڊيڪل سينٽرن ۾ داخل بيمار مريضن کي شديد تڪليف سان منهن ڏيڻوپئي ٿو ۽ پوري سماج ۾ اها ڳالهه واضع ٿيڻ لڳي ٿي ته پنهنجي ملڪ ۾ جيئن هٿيارن جي نمائش ڪندي هوائي فائرنگ جي نالي ۾ خوف، هراس ۽ پريشانيءَ جي فضاءَ قائم ڪئي پئي وڃي انهيءَ سان ته جهنگل جو قانون نمايان ٿيڻ لڳي ٿو. ڪنهن به آباديءَ ۾ ڪنهن جي اجازت کان بغير ڪو لائوڊ اسپيڪر به نٿو هلائي سگهي جيستائين انهيءَ کي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي پرميشن اجازت نامو نه مليل هجي، پر هتي ته قانون جي لتاڙ ڪندڙ وحشي، درندا ۽ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندڙ ماڻهو وک وک تي قانون جو مذاق اڏائي رهيا آهن ۽ اهي حقيقت ۾ جمهوريت ۽ آزاديءَ جي آڙ ۾ جيڪي وڏين وڏين پراڊو، پيجارو، لينڊ ڪروزر، سفاري، ۽ ٻين گاڏين ۾ مست بڻجي پنهنجين سياسي پارٽين ۽ اقتداري نشي ۾ پنهنجن شهرن ۾ هٿيارن جي ڇانوءَ ۾ ٽولن جي صورت ۾ ڪاهي پون ٿا ۽ جديد ترين هٿيار کڻي گهمائين ٿا ۽ اهڙي طرح ملڪ جي پرامن شهرين مٿان پنهنجو نام نهاد روب تاب ويهارڻ لاءِ جيڪو عمل ڪندا رهن ٿا انهيءَ جي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نه صرف منع ٿيل آهي پر اهڙن هٿيارن جي ڇانوءَ ۾ هلندڙ ماڻهن کي ٻئي نالي “ دهشت گرد ”سان سڏيو ويندو آهي. پاڪستان ته صوفين، درويشن، الله لوڪ هستين جو ملڪ آهي،هن ملڪ ۾ حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحمت الله تعاليٰ عليه، شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت سچل سرمست رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت داتا علي هجويري رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت بابا بلهي شاهه رح ، حضرت سخي سرور رح ، سيد عبدالله غازي رح ، حضرت محمد هاشم ٺٽوي رح، حضرت عبدالله شاهه اصحابي رح، حضرت محمد قاسم مشوري رح، حضرت عبدالرحمٰن شهيد هاشمي رح، حضرت پير مٺا سائين رحمت الله تعاليٰ عليه سميت هرطرف ۽ هر پاسي اولياءَ الله جو فيضان آهي جن ته هميشه پيار، محبت، ڀائيچاري ،اخوت جي پرچار ڪئي ۽ انهن ته ڪڏهن به هٿيارن جي ڳالهه کي پسند به نه ڪيو، رب تعاليٰ جي رضاءَ لاءِ پنهنجون زندگيون گذاري ويا ۽ اسان کي به انهن للهيت جي مشيت الاهيءَ واري واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪندا ويا پوءِ ڪامياب ۽ ڪامران آهن اهي شخص جيڪي پنهنجي رب جي رضاءَ واري رستي تي قائم رهيا ۽ بدنصيب ۽ بد بخت آهن اهي ماڻهو جيڪي شيطان جي رستي تي هلندي انسانيت جي نقصان جي راهه ورتائون.جنهن لاءِ عالم اسلام جي مايه ناز روحاني شخصيت ۽ دعوت اسلاميءَ جي باني و امير حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دامت برڪاتهم العاليه جن فرمايوته نئين سال جي اچڻ سان نيو ايئر نائٽ جي موقع تي ٿيندڙ خرابين خرافات کان پاڻ ۽ اولاد کي بچايو ۽ انهي جو بهترين حل هيءُ آهي ته توهان انهيءَ رات دعوت اسلاميءَ جي مدني مرڪزن “ فيضان مدينه ” پراڻي سبزي منڊي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آفندي ٽائون، لاڙڪاڻي شهر ۾ پراڻي تعليمي بورڊ آفيس لڳ سميت ٻين شهرن جي مدني مرڪزن فيضان مدينه ۾ هليا اچو ۽ هتي نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ وقت گذاريو، جيڪڏهن ڪو اتي نٿو پهچي سگهي ته پوءِ ضرور بضرور اصلاح معاشرهه لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ “ مدني چئنل ” لائيو براهه راست خصوصي نشريات ۾ پاڻ کي نيڪين ڀري وقت ۾ گذاريو، ان شاءَ الله عزوجل ائين اسان جي نئين سال جو آغاز ڀلاين، نيڪين ۽ چڱي ڪم سان شروع ٿيندو ۽ مدني چئنل جي ڇا ڳالهه ڪجي، جيڪو مڪمل طور تي خرافات کان پاڪ ۽ نيڪين جو کليل سراپا مجموعو آهي ۽ الحمد لله دعوت اسلامي طرفان هن ڀيري مدني چئنل تي نيو ايئر نائٽ اسپيشل ٽرانسميشن شروع ڪئي آهي جنهن ۾ انسان جي روحاني سڪون حاصل ڪندڙ ڪيفيت متعلق پروگرام براهه راست نشر ڪيا ويندا. اهڙي طرح نيو نائٽ ۽ هيپي نيو ايئر جي نالي ۾ ٿيندڙ هلا گلا کان پاڻ کي بچايو، جنهن لاءِ الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو ته ترجمو؛ ( الله جا ٻانها اهي آهن) جيڪي ڪوڙ ۽ باطل ڪمن ۾ شريڪ نٿا ٿين ۽ جڏهن بيهودا ڪمن وٽان گذرندا آهن ته (دامن بچائيندي) نهايت وقار ۽ استقامت سان گڏ گذري ويندا آهن. سياڻن جي ڳالهه حق سچ تي مبني هوندي آهي جنهن ۾ انهن چيو آهي ته “ اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني”، اها خوشي ئي گهوري جيڪا ٻين جي لاءِ وبال جان بڻجي پوي ۽ پيرسن والدين جا واحد سهارا نوجوان اولاد خرافات سبب اجل جو شڪار بڻجي پون انهيءَ لاءِ اهڙي بري فعل (شراب، عيش عشرت، ون ويلنگ، هوائي فائرنگ سميت ٻين خرافات ) کان پرهيز پاسو ڪندي انهيءَ نئين سال جي اچڻ تي پهرين جنوري تي الله جي رضا جا ڪم ڪيا وڃن سردي جي موسم آهي ته سيءَ کان بچڻ لاءِ غريب مسڪين ماڻهن جي جاني، مالي مدد ڪندي انهن کي بلاڪينٽ ڪمبل سوڙهيون وٺي ڏياريا وڃن ۽ انهن ۾ لنگر شريف ٻه ويلا ماني ڏيڻ جو بندوبست ڪري ثواب حاصل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي محبت جي پنڌ ۾ جيترو ٿي سگهي اوترو انسانيت جي خير خواهيءَ ۾ حصو وٺي ٻين کي خوشيون ڏيڻ سان پاڻ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جنهن ۾ ئي رب العاليمن جي رضاءَ شامل آهي ۽ انهيءَ سان ئي دنيا آخرت جون ڀلايون نصيب ٿينديون رهن ٿيون. ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان معاشري جو ناسور ورتل چيپٽر آهي، انهي خوفناڪ باب جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت سنڌ کي جامع رٿابندي حڪمت عملي ٽريفڪ پوليس جي ايئر ڪنڊيشنر اي سي جي بند ڪمرن ۾ رهندڙ آفيسرن بجاء روڊن رستن تي ايمانداري سان سچائي سان عام ڊيوٽي سراڻجام ڏيندڙ ٽريفڪ پوليس اهلڪار جي صحيح مشورن سان پايه تڪميل تي پهچايو وڃي ته دراصل روشن رستن تي ٽريفڪ جا مسئلا ڪهڙا آهن؟ ۽ انهن جو حل ڪهڙو آهي؟، انھي طرف توجهه ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي.
0 تبصرے