English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: يوسي 3 پپري ۾ ترقياتي فنڊن متعلق عوامي پڇاڻو
116 views
|
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صابو گبول ڳوٺ جي اسڪول ۽ گهٽيون گٽر جي پاڻي سان ڀريل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)يونين ڪميٽي نمبر 3 پپري جي علائقي صابو گبول ڳوٺ ۾ واقع سرڪاري اسڪول، علائقي ۾ گندگي ۽ نيڪال جي خراب نظام جي خرابي سبب مقامي رهواسين ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي۔ علائقي واسين موجب اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار آهي، بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي جڏهن ته ٻارن جي ويهڻ لاءِ مناسب انتظام به موجود ناهي، جنهن ڪري شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته يونين ڪاميٽي پپري کي هر مهيني لڳ ڀڳ 12 لک رپيا ملن ٿا، پر انهن فنڊن جي استعمال بابت ڪا به شفافيت نظر نٿي اچي۔ شهرين موجب علائقي ۾ ترقياتي ڪم نه هجڻ برابر آهن، جڏهن ته صابو گبول ڳوٺ سميت پپري جا ٻيا ڳوٺ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔رهواسين وڌيڪ الزام هنيو ته گڏاپ ٽائون ۾ ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر جاري ٿيڻ باوجود پپري جي اڪثر ڳوٺن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ شهرين موجب ترقياتي فنڊن کي ٻهراڙين جي علائقن تي خرچ ڪرڻ بدران مخصوص منصوبن ۽ بلڊرز کي نوازيو پيو وڃي، جنهن سبب مقامي آبادي مسئلن جو شڪار بڻيل آهي۔علائقي واسين ٻڌايو ته اسڪول جي مرمت، پيئڻ جي پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين بنيادي سهولتن لاءِ ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي درخواستون ڏنيون ويون آهن، پر هينئر تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي۔ سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته ٻارن جي تعليم وڌيڪ متاثر ٿيندي ۽ علائقي ۾ تعليمي پسماندگي وڌندي۔ شهرين، سماجي ڪارڪنن ۽ والدين ميئر ڪراچي کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته يونين ڪميٽي 3 پپري جي فنڊن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ صابو گبول ڳوٺ سميت نظرانداز ٿيل علائقن ۾ فوري ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن۔ مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي فوري مرمت، بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ ترقياتي فنڊن جي شفاف استعمال کي يقيني بڻايو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: يوسي 3 پپري ۾ ترقياتي فنڊن
0 تبصرے