جهرڪ ويجهو نشئي شخص زال ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

جهرڪ ويجهو نشئي شخص زال ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) جھرڪ جي حد يوسي ٽنڊو حافظ شاھ ويجھو ڪيٽي کوسا ڳوٺ ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي منشيات جھڙي لعنت ۾ ورتل 30 ورھين جي رکو کوسو نشي لاءِ پئسا نه ھجڻ سبب پنهنجي گهر ۾ قيامت آڻي ڇڏي. جوابدار پنهنجي زال ۽ چار ٻارن تي چاقو ۽ ڪھاڙي سان حملا ڪيا، جنھن جي نتيجي ۾ سندس زال ۽ ٻه معصوم نياڻيون موقعي تي فوت ٿي ويون، جڏھن ته ٻه ٻارڙا سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي کانپوءِ جوابدار رکو کوسو پاڻ تي به پسٽل سان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، جڏھن ته زخمي ٻارڙن کي فوري طبي امداد ڏني وئي. ذريعن موجب رکو کوسو ڪافي وقت کان منشيات جو عادي ھو ۽ اڪثر نشي لاءِ پئسن سبب گهر ۾ جهيڙا ٿيندا رھندا ھئا. واقعي سڄي علائقي کي سوڳ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فوت ٿيلن جي گھر ۾ ڪهرام مچيل آهي. علائقي جي معززن ۽ سماجي حلقن واقعي تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته منشيات جي واپار خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙيون انساني زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.