English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جهرڪ ويجهو نشئي شخص زال ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو
98 views
|
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي) جھرڪ جي حد يوسي ٽنڊو حافظ شاھ ويجھو ڪيٽي کوسا ڳوٺ ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي منشيات جھڙي لعنت ۾ ورتل 30 ورھين جي رکو کوسو نشي لاءِ پئسا نه ھجڻ سبب پنهنجي گهر ۾ قيامت آڻي ڇڏي. جوابدار پنهنجي زال ۽ چار ٻارن تي چاقو ۽ ڪھاڙي سان حملا ڪيا، جنھن جي نتيجي ۾ سندس زال ۽ ٻه معصوم نياڻيون موقعي تي فوت ٿي ويون، جڏھن ته ٻه ٻارڙا سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي کانپوءِ جوابدار رکو کوسو پاڻ تي به پسٽل سان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، جڏھن ته زخمي ٻارڙن کي فوري طبي امداد ڏني وئي. ذريعن موجب رکو کوسو ڪافي وقت کان منشيات جو عادي ھو ۽ اڪثر نشي لاءِ پئسن سبب گهر ۾ جهيڙا ٿيندا رھندا ھئا. واقعي سڄي علائقي کي سوڳ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فوت ٿيلن جي گھر ۾ ڪهرام مچيل آهي. علائقي جي معززن ۽ سماجي حلقن واقعي تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته منشيات جي واپار خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙيون انساني زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جهرڪ ويجهو نشئي شخص زال ۽ ٻارڙن
0 تبصرے