English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي شاندار فتح
117 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي 13 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان ميچ کٽي ورتي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي سرپرستي ۽ اسپانسرشپ هيٺ جاري آهي، ٽورنامينٽ جي هڪ اهم ميچ ۾ تاج ڪرڪيٽ اڪيڊمي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پر مقرر ڪيل 15 اوورن ۾ 110 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، تاج اڪيڊمي پاران زڪاءُ الله 18، بابو 13 ۽ زبير 12 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٻيو ڪو به بيٽسمين نمايان ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي نوجوان ۽ جادوگر بالر اويس علي ڀٽي شاندار بالنگ ڪندي 3 اوورن ۾ صرف 14 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ مخالف ٽيم جي مضبوط بيٽنگ لائن کي تباهه ڪري ڇڏيو، جواب ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي 13 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 111 رنسون ٺاهي ميچ آساني سان کٽي ورتو، ڪامران ساند 34 ۽ ڪرن 33 رنسون ٺاهي نمايان ڪردار ادا ڪيو، ميچ جو بهترين رانديگر اويس علي ڀٽي قرار ڏنو ويو، جنهن کي نامياري اسپورٽس مين رسول بخش رحيمداڻي پاران ڪپ ۽ نقد انعام ڏنو ويو، ان موقعي تي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽيم جي سڀني رانديگرن بهترين فيلڊنگ ۽ بالنگ جو مظاهرو ڪيو، جنهن سبب مضبوط تاج ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي 110 رنسن تي محدود ڪيو ويو، هن نوجوان بالر اويس علي ڀٽي جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته سندس شاندار بالنگ ئي فتح جي بنياد بڻجي، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي لڳاتار ڪاميابين سبب ٽيم فائنل ۾ پهتي آهي، جنهن تي رانديگرن ۽ انتظاميه خوشي جو اظهار ڪيو، ھي اھم ميچ ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ نامياري اسپورٽس مين، سماجي اڳواڻ، علائقي جا معزز ماڻهون ۽ ڪرڪيٽ جا شوقين گرائونڊ ۾ موجود هئا، تماشائين رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي تي ڀرپور داد ڏنو ۽ ميچ دوران جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ،
تاج ڪرڪيٽ اڪيڊمي ٽاس کٽي بيٽنگ
ٻئي الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ
0 تبصرے