English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي ايگروٽيڪنيڪل اسڪول ۾ سائنسي ميلو منعقد
14 views
|
29th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين پاران ماڊلز پيش ڪيا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)رزاق آباد ۾ قائم ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ ملير ضلعي جي مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين طرفان هڪ ڏينهن وارو سائنسي ميلو لڳايو ويو، جنهن ۾ سائنس ۽ آرٽ تي ٻڌل جديد ۽ تخليقي پروجيڪٽس پيش ڪري حاضرين کان خوب داد حاصل ڪئي سائنسي ميلي ۾ گورنمينٽ اسڪول يوسف ڳوٺ، درساڻو ڇنو، ايئرپورٽ، ڀٽائي آباد، ناٿو کوسو، ابراهيم حيدري، عمار ياسر، اعظم آباد، غريب آباد،فيڊرل انگلش، برو وليج سميت ٻين سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪندي مختلف سائنسي ماڊلز، ايجادن ۽ آرٽ ورڪ جي نمائش ڪئي. مقابلن دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردياڻين پهرين، ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪري اعزازي شليڊون حاصل ڪيون ان موقعي تي پيپلز پارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، ٽائون ابراهيم حيدري جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو، ڊي اي او ملير اقبال ميمڻ، ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول جي هيڊ ماستر شفقت حاجاڻو سميت مختلف اسڪولن جا استاد ۽ تعليمي عملدار وڏي تعداد ۾ موجود هئا جن شاگردياڻين جي حوصلا افزائي ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين ۾ قابليت جي ڪا کوٽ ناهي، ضرورت صرف مناسب موقعا ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي آهي هنن چيو ته اهڙا سائنسي ميلا شاگردياڻين ۾ تحقيق، تخليق ۽ نون خيالن کي هٿي ڏين ٿا، جيڪي مستقبل ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن اڳواڻن تعليم کاتي تي زور ڏنو ته سرڪاري اسڪولن ۾ جديد سائنسي ليبارٽريون، تربيت يافته استاد ۽ وسيلن ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن ڳوٺاڻن ۽ پوئتي پيل علائقن جي شاگردياڻيون به خانگي اسڪولن جي برابر اڳتي وڌي سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں فیصلہ کن کارروائی: 145 دہشت گرد ہلاک، ریاست کے آگے سرنڈر نہیں کریں گے — سرفراز بگٹی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: رزاق آباد جي ايگروٽيڪنيڪل
0 تبصرے