English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي سنڌ جي دل ۽ روح آهي ان جي تحفظ لاء سنڌي ماڻهون وڙهندو: اياز لطيف پليجو
243 views
|
28th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي: قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ملڪ دشمن دھشتگرد تنظيم پاران ڪراچي وفاق جي حوالي ڪريو جا بينر ۽ چاڪينگ ڪرڻ واري عمل جي سخت تشويش جو اظهار ڪندي چيو تہ ڪراچي سنڌ جي دل ۽ روح آهي ان جي تحفظ لاء سنڌي ماڻهون وڙهندو ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو ائين وڙھندا جيئن ڀيڻ ۽ ماءُ جي عزت لاءِ وڙھبو آهي. ڪرپٽ حڪمرانو توهان ٻيهر هڪ دهشتگرد تنظيم کي سنڌ جي ورهاڱي جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ همٿائي رهيا آهيو، جيڪا سنڌ جي امن، وحدت ۽ قومي وجود لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ چاھي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻچن مٿان ڪير تلوار کڻي اچي بيھي رھي تہ پوءِ جيئن ماڻهو وڙھندو آهي ڪراچي جي تحفظ لاءِ سنڌي ماڻهو ائين وڙھندو، توهان کي حيران ڪري ڇڏيندو. توهان ۽ توهان جا جيڪي مددگار اھو ڪم ڪندا اھي ياد رکن اھي پنهنجي پير تي ڪھاڙو ھڻندا. جيڪو ٻج ڇٽيندا جنهن ٻج جي نتيجي ۾ غرق ٿي ويندا تباھ ۽ برباد ٿي ويندا ڪو بہ نہ بچندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ڏاڍ مڙسي ذريعي سنڌ کي نشانو بڻايو ويو تہ پوءِ ست ڪڙور سنڌي مزاحمت ڪنداسين ڪراچي يا سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ڀلجي وڃو. نہ ڪراچي ڇڏبي يا درياھ ممڪن ڪونهي. روز جيڪي نيون اٽڪلون سوچيو ٿا ھيئن ڪنداسين جيڪو ماڻهو اچي ٿو چوي ٿو اھڙي ڪاروائي ڪريان جو مون کي تاريخ ۾ ياد رکندا. ھي ان بہ سوچيو ايوب تاريخ ۾ ياد رکن ڀڇڙو ٿي لٿو، يحي بہ سوچيو ضياء چيو آئون ھيئن ٿو ڪريان، مشرف بہ مڪ پئي ڏيکاري، نواز شريف، ھر ماڻھو جيڪو اچي ٿو پوءِ ھيئن ڪنداسين، پوءِ تاريخ ۾ ياد رکيو وينداسين، تاريخ انهن ڳالهين جي ڪري ٿوري ياد رکبو تون ھيئن ڪيو. تاريخ ۾ ياد رکبو آهي توهان ملڪ جي ماڻهن جو ڳاٽ اوچو ڪيو دنيا جي آڏو يا نہ. اياز لطيف پليجي چيو تہ توھان چيو ھو نہ حيدرآباد سنڌ ۾ نہ آهي ويسٽ پاڪستان ۾ آهي لاڙڪاڻو ويسٽ پاڪستان ۾ آهي ون يونٽ آھي ٻہ آهن ايسٽ پاڪستان ويسٽ پاڪستان پوءِ ھليو ڇا، مارشلا ضياء جي ھلي ڇا، توهان چيو تہ ڪالاباغ ڊيم ٿا ٺاھيون پوءِ ٺاھيو ڇا، ٻٽو نظام آڻڻ ٿي چاهيو آڻي سگھيو ڇا. ڪن ڳالهين ۾ سھڻا سائين وس ڪون ھلندو آهي. سنڌي ماڻهن سان ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪريو. ست ڪڙور سنڌين جي ِنڙي ۾ ھٿ نہ وجھو. ماڻهو جو ٻئي ڪنهن جي پير تي پير اچي ويندو تہ اڳلو ماڻهو ساري ڪري اڳيان مٽي ويندو پر جيڪڏهن ڳچي ۾ گھوگھو ڏيندو تہ ماڻهو وڙهي پوندو آهي. ٻلي وڙهي پوندي آهي تنهن ڪري نوان تجربا نہ ڪريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ
ڪراچي سنڌ جي دل ۽ روح آهي ان
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے