English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشنِ حديد: ذاتي تڪرار تان ڀاءُ جو ڀاءُ تي فائرنگ، ساجد ڀٽو سخت زخمي، جوابدار خالد ڀٽو فرار
302 views
|
27th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حديد جي علائقي ۾ ذاتي ۽ گهريلو تڪرار دوران هڪ ڀاءُ مبينا طور پنهنجي ئي ڀاءُ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو۔پوليس موجب زخمي جي سڃاڻپ ساجد ڀٽو جڏهن ته جوابدار ڀاءُ جو نالو خالد ڀٽو ٻڌايو ويو آهي۔ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ٻنهي ڀائرن وچ ۾ ڪنهن ذاتي معاملي تان جهيڙو ٿيو، جيڪو ڏسندي ڏسندي سخت ڇڪتاڻ ۾ تبديل ٿي ويو۔ انهي دوران ڪاوڙ ۾ اچي خالد ڀٽو هٿيار ڪڍي پنهنجي ڀاءُ ساجد ڀٽو تي فائرنگ ڪري ڇڏي۔فائرنگ جي نتيجي ۾ ساجد ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو۔ اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم فوري طور واقعي واري هنڌ پهتي ۽ زخمي کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ايمبولينس ذريعي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ جوابدار خالد ڀٽو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن ۽ واقعي جي سببن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشنِ حديد: ذاتي تڪرار تان ڀاءُ جو ڀاءُ تي فائرنگ
edhi ambulance
0 تبصرے