تمر جو عالمي ڏينهن، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ابراهيم حيدري جي ٻيٽن تي هزارين تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا

تمر جو عالمي ڏينهن، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ابراهيم حيدري جي ٻيٽن تي هزارين تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) 26 جولاءِ تي ملهايل تمر جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ماهيگير سماجي سنگت جي گڏيل سهڪار سان ابراهيم حيدري ڀرسان واقع ٻيٽن تي وڏي پيماني تي وڻڪاري مهم هلائي وئي، جنهن دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين هزارين تمر جا ٻوٽا پوکي ماحولياتي تحفظ جو عملي پيغام ڏنو. ان موقعي تي استادن، سماجي اڳواڻن ۽ ماحولياتي ماهرن خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا سميت پاڪستان ۾ به گرميءَ جي شدت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري ماحولياتي توازن برقرار رکڻ لاءِ وڻن جي پوک انتهائي ضروري بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته تمر جا ٻيلا نه رڳو سامونڊي ماحول جي بقا لاءِ اهم آهن، پر اهي سامونڊي طوفانن، سامونڊي چاڙهه ۽ ساحلي ڪٽاءَ کان پڻ قدرتي حفاظتي ديوار طور ڪم ڪن ٿا ڳالهائيندڙن جو چوڻ هو ته تمر جا وڻ مڇين، جهينگن ۽ ٻين سامونڊي جيوت لاءِ نرسري جي حيثيت رکن ٿا، جتي انهن جي افزائش ۽ واڌ ويجهه ممڪن بڻجي ٿي. جيڪڏهن تمر جا ٻيلا ختم ٿيندا ته سامونڊي حيات به سخت متاثر ٿيندي، جنهن جا سڌا اثر هزارين ماهيگير خاندانن جي روزگار تي پوندا. هنن وڌيڪ چيو ته 26 جولاءِ تي تمر جو عالمي ڏينهن ملهاڻ جو مقصد عوام ۾ تمر جي اهميت بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي، جيئن ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ۽ محفوظ ماحول يقيني بڻائي سگهجي. ماهرن موجب پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جي سامونڊي پٽي، تمر جي ٻيلن جي حوالي سان عالمي سطح تي اهم حيثيت رکي ٿي، تنهن ڪري انهن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ سرڪاري ادارن، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وڻڪاري مهم ۾ شامل شاگردن جو چوڻ هو ته هڪ وڻ پوکڻ رڳو ماحولياتي ذميواري نه، پر ايندڙ نسلن سان محبت جو اظهار پڻ آهي. هنن عوام کي اپيل ڪئي ته هر شهري گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکي ۽ ان جي سار سنڀال جي ذميواري به نڀائي تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وڻڪاري مهم کي رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود نه رکيو ويندو، پر سڄو سال جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي حصي جو هڪ وڻ به پوکي، ته نه رڳو موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو، پر ڌرتيءَ کي وڌيڪ سرسبز ۽ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.