جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج

جھرڪ ۾ ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج

ٺٽو (ڊر)جهرڪ جي بسم الله چوڪ تي ڪوئلي جي رائلٽي ۾ مسلسل واڌ خلاف ڪوئلي جي واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن جو احتجاج ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، جنهن سبب ڪوئلي سان ڀريل سوين ٽرڪون ۽ گاڏيون بيهجي ويون، جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ واپاري سرگرميون پڻ متاثر ٿيون. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ڪوئلي جي کاڻين مان روزانو لکين ٽن ڪوئلو نڪري ٿو، پر هر مهيني رائلٽي جي نالي تي ٽيڪس ۾ واڌ سبب واپارين تي اضافي مالي بار وڌي رهيو آهي. واپاري اڳواڻن عبدالمجيد بروهي اشرف بروهي ۽ ٻين چيو ته بار بار رائلٽي ۾ اضافو ڪاروبار کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي، جنهن سان ٽرانسپورٽر، مزدور ۽ لاڳاپيل صنعتون به پريشاني کي منهن ڏئي رهيون آهن.احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رائلٽي بابت پاليسي تي نظرثاني ڪري واپارين سان صلاح مشوري بعد اهڙو حل ڪڍيو وڃي، جنهن سان ڪاروباري سرگرميون بحال ٿين ۽ واپارين جا خدشا پڻ ختم ٿي سگهن. هنن اميد ظاهر ڪئي ته لاڳاپيل اختيارين جلد مسئلي جو نوٽيس وٺي مثبت قدم کڻندا.