ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ڊملوٽي نمبر 6 سیمس ڪوڊ: 408180382) عمارت جي انتهائي خراب حالت سبب گذريل ٻن سالن کان مڪمل طور بند پيل آهي، جنهن ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ معصوم شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا آهن.ذريعن موجب اسڪول جي عمارت زبون حالت ۾ هئڻ سبب انتظاميا پاران اسڪول بند ڪيو ويو، پر ٻه سال گذرڻ باوجود نئين عمارت جي تعمير يا مرمتي ڪم لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا ويا آهن. عمارت جي کوٽ سبب شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصرآهن،جنهن سان سندن مستقبل سخت خطري ۾ پئجي ويو آهي.هي اسڪول ضلع ملير مان پنج ڀيرا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ساجد جوکيو جي تڪ ۾ اچي ٿو، تنهن هوندي به شاگردن جي هن بنيادي مسئلي تي اڃا تائين ڪا به ڌيان نه ڏنو ويو آهي.علائقي واسين، والدين ۽ سماجي حلقن پاران صوبائي وزير تعليم، لاڳاپيل اختيارين ۽ اعليٰ حڪام کان پرزور مطالبو ڪيو ويو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت جي تعمير يا مرمت ڪرائي وڃي، جيئن شاگردن جو تعليمي مستقبل بچائي سگهجي.هنن جو چوڻ آهي ته تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ ان کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.
0 تبصرے