باقراڻي ويجهو پنهور ۽ سانگين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ، واٽهڙو مارجي ويو

فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽهڙو نوجوان رحيم پنهور گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

باقراڻي ويجهو پنهور ۽ سانگين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ، واٽهڙو مارجي ويو

باقراڻي:باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گنجا تنيو ۾ مبينا پيسن جي ڏيتي ليتي جي معاملي تان پنهور ۽ سانگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي ۾ فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل راھگير نوجوان 20 ورهين جو رحيم ولد ايوب پنهور لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي نوجوان جو مڙھ ڳوٺ گنجا تنيا ۾ گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو ، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي باقراڻي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ گنجا تنيا ۾ پنهور ۽ سانگي برادري جي ڌرين وچ ۾ ٿيل جھيڙي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان رحيم پنھور فوت ٿي ويو آهي واقعي جي جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو .