English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ نامياري اديب ۽ محقق انور پيرزادو جي سالگره تقريب منعقد
137 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ڪلچرل فورم ٺٽي پاران ڪينجھر ڪنڌيءَ تي آباد جھمپير شهر ۾ تقريب منعقد
ٺٽو(ڊر) سنڌي ادب، تحقيق ۽ صحافت جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ اديب ۽ محقق، انور پيرزادو جي 81هين سالگره سنڌ ڪلچرل فورم ٺٽي پاران ڪينجھر ڪنڌيءَ تي اباد جھمپير شهر ۾ ملھائي ويئي.تقريب ۾ سنڌ جي نامياري شاعر خيرمحمد ’ڪوي‘ميربحر، سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، سينيئر وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو، سنڌي ادبي سنگت جھمپير جي سيڪريٽري استاد دائود ميربحر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.مقررن چيو ته انور پيرزادو هڪ انقلابي انسان هو، جنهن ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي پنهنجي ادبي ۽ تحقيقاتي ڪم ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل تائين پهچايو. هن نه صرف سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو پر تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ تشھير۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو.ھنن وڌيڪَ چيو ته انور پيرزادو سنڌي ثقافت، روايتن ۽ قدرن جو پاسدار هو، جيڪو نوجوانن کي هميشه پنهنجي ثقافت سان محبت ڪرڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي تلقين ڪندو هو. ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته انور پيرزادو جو ادبي ۽ صحافتي ڪم نوجوانن لاءِ مشعل راه آهي، جنھن سان سنڌي ادب ۽ ثقافت کي نئين سر زندگي ملي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شاعر خيرمحمد ’ڪوي‘ميربحر،
سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو ۽
انور پيرزادو انقلابي انسان هو، جنهن
0 تبصرے