English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل جي معصوم نياڻي جي فوتگي تي ملير ۾ تعزيتي اجلاس
261 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تعزيتي اجلاس دوران معصوم نياڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري کيس سرخ سلام پيش ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قيد جون سختيون برداشت ڪندڙ جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل جي معصوم نياڻي گنگا ارباب جي فوتگي تي مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن م وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي تعزيتي اجلاس دوران معصوم نياڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري کيس سرخ سلام پيش ڪندي قومي ترانو پڻ پڙهيو ويو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ملير جي اڳواڻ فيض هيسباڻي، جساف بشير قريشي جو اڳواڻ وهاب، گبول، استاد ڀورل گبول، ،ڌيرو ڪولهي، سماجي اڳواڻ اقبال ڪلمتي سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ارباب ڀيل پنهنجي قومي جدوجهد سبب قيد ۽ ڏکن کي برداشت ڪيو، جڏهن ته هن جي معصوم نياڻي پنهنجي بابا سان ملاقات جي آس دل ۽ سانڍي اوچتو فوت ٿي ويئي جنهن وفات انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي.هنن چيو ته هڪ پاسي قومي ڪارڪن جيلن ۾ اذيتون سهي رهيا آهن ته ٻئي پاسي سندن خاندان، خاص طور تي معصوم ٻار به ڏکن جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سياسي ڪارڪنن ۽ سندن خاندانن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ انصاف کي يقيني بڻايو وڃي.آخر ۾ مرحومه معصوم نياڻي لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ ارباب ڀيل سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل جي
ملير ۾ تعزيتي اجلاس
0 تبصرے