جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل جي معصوم نياڻي جي فوتگي تي ملير ۾ تعزيتي اجلاس

تعزيتي اجلاس دوران معصوم نياڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري کيس سرخ سلام پيش ڪيو ويو

جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل جي معصوم نياڻي جي فوتگي تي  ملير ۾ تعزيتي اجلاس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قيد جون سختيون برداشت ڪندڙ جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل جي معصوم نياڻي گنگا ارباب جي فوتگي تي مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن م وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي تعزيتي اجلاس دوران معصوم نياڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري کيس سرخ سلام پيش ڪندي قومي ترانو پڻ پڙهيو ويو. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ملير جي اڳواڻ فيض هيسباڻي، جساف بشير قريشي جو اڳواڻ وهاب، گبول، استاد ڀورل گبول، ،ڌيرو ڪولهي، سماجي اڳواڻ اقبال ڪلمتي سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ارباب ڀيل پنهنجي قومي جدوجهد سبب قيد ۽ ڏکن کي برداشت ڪيو، جڏهن ته هن جي معصوم نياڻي پنهنجي بابا سان ملاقات جي آس دل ۽ سانڍي اوچتو فوت ٿي ويئي جنهن وفات انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي.هنن چيو ته هڪ پاسي قومي ڪارڪن جيلن ۾ اذيتون سهي رهيا آهن ته ٻئي پاسي سندن خاندان، خاص طور تي معصوم ٻار به ڏکن جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سياسي ڪارڪنن ۽ سندن خاندانن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ انصاف کي يقيني بڻايو وڃي.آخر ۾ مرحومه معصوم نياڻي لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ ارباب ڀيل سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.