English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي چونڊيل نائب صدر جي ٺٽي ۾ آجيان
209 views
|
22nd Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اعجاز واريو جي ايڇ يو جي يونٽ ٺٽو پاران گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس رينج جي تازين چونڊن ۾ ٺٽي سان واسطو رکندڙ سينئر صحافي اعجاز واريو نائب صدر چونڊجڻ کان پوءِ ٺٽو پهچڻ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو پاران شاندار استقبال ڪيو ويو.صحافين ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان اعجاز واريو تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، جڏهن ته کيس اجرڪون ۽ لونگن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. استقبال جي موقعي تي ڊي سي آفيس چوڪ کان پريس ڪلب مڪلي تائين ريلي ڪڍي وئي، جيڪا بعد ۾ مڪلي پريس ڪلب پهتي، جتي آجياڻي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي.تقريب کي خطاب ڪندي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو جي ضلعي صدر شبير ڀٽي، نائب صدر علي اڪبر دلواڻي، جنرل سيڪريٽري بلاول سمون، مڪلي پريس ڪلب جي صدر شيراز واريو سميت ٻين اڳواڻن اعجاز واريو کي اهم ذميواري ملڻ تي دلي مبارڪون ڏنيون. اڳواڻن چيو ته اعجاز واريو جهڙو سينئر ۽ بااصول صحافي يونين جي قيادت ۾ شامل ٿيڻ سان صحافين جي حقن جي جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ملندي.ان موقعي تي چونڊيل نائب صدر اعجاز واريو خطاب ڪندي يونين جي سموري قيادت، صحافتي برادري ۽ دوستن جو ٿورائتو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي قيادت هيٺ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس سنڌ جي صحافين جي نمائنده تنظيم آهي، جيڪا هميشه صحافت ۽ صحافين جي بقا، فلاح ۽ بهبود لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. هن چيو ته مون تي رکيل اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس.تقريب ۾ سينئر صحافين خدا بخش بروهي، اي بي شورو، راجا تنوير خاصخيلي، اقبال ميمڻ ٽنڊو محمد خان حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جا اڳواڻ غلام نبي ڪيريو، حفيظ ميمڻ، ساحل اياز، امتياز منڱريو، خان عباسي سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ياسر جاکرو، ملڪ سليمان گندرو، پپو اقبال ڀٽو، ربنواز زنگياڻي، رجب علي واريو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي
چونڊيل نائب صدر جي ٺٽي ۾ آجيان
0 تبصرے