English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عدالتي فيصلي جي صورت ۾ به تشدد، بيحرمتي يا توھين جي ھرگز اجازت ناھي: اياز لطيف پليجو
138 views
|
26th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران عمرڪوٽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عمرڪوٽ ۾ ڏھاڪن کان آباد غريب ماڇي برادري جي خاندانن کي لڏائڻ ۽ نياڻين سان توهين آميز سلوڪ ۽ تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو تہ ڪنھن کي بہ ڪنھن زمين يا جاءِ تان اٿارڻ لاءِ يا تہ ٽريس پاس يا اليگل ڊسپزيشن جو ڪو ڪيس ۽ فيصلو ھئڻ گهرجي يا سول ڪورٽ جي سوٽ فار پزيشن جو فيصلو لازمي آھي. عدالتي فيصلي ھئڻ جي صورت ۾ بہ تشدد، بيحرمتي يا توھين جي ھرگز اجازت ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن معاملي ۾ تہ نہ ڪو عدالتي فيصلو ظاھر ٿيو آھي نہ ڪا جانچ رپورٽ موجود آھي. ڪئي نسلن کان آباد مسڪين ماڻهن کي پنهنجن اجهن کان محروم ڪرڻ سراسر ظلم، ناحق ۽ ناانصافي آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس غريب ڳوٺاڻن، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪري ظلم ۽ بربريت جي انتھا ڪئي آھي. غريب ڳوٺاڻن کي گھرن کان محروم ڪرڻ غير انساني، غير قانوني عمل ۽ دھشتگردي آھي. پوليس کي ڪنھن اختيار ڏنو آھي تہ ڪو بہ جواز ڄاڻائي ماڻھن تي بدترين تشدد ڪري، توھين ڪري ۽ گھرن کان بيدخل ڪري ڇڏي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏھن زمين جي حوالي سان ڪو قانوني تڪرار آھي يا معاملو آھي، تڏھن بہ ان جو قانوني حل موجود آھي، قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران دشمن جي فوج ٿي ھٿين خالي ڳوٺاڻن، عورتن ۽ ٻارن تي ھٿيارن ۽ لٺين سان تشدد جو ڪنھن کي بہ اختيار ناھي. اھو سراسر ظلم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ڌاڙيلن، دھشتگردن، منشيات فروشن ۽ ڏوھارين خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناھي. باقي جڏھن ڪنھن کاتي جا ننڍا ملازم احتجاج ڪن ٿا. ھٿين خالي ماڻھن پنھنجي حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪن ٿا تہ انھن تي بدترين تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪوڙا ڪيس ڪري جيل موڪليو وڃي ٿو. عمرڪوٽ جي واقعو مسڪين ماڻھن سان دھشتگردي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن معاملي ۾ تہ نہ ڪو عدالتي فيصلو ظاھر ٿيو آھي نہ ڪا جانچ رپورٽ موجود آھي. ڪئي نسلن کان آباد مسڪين ماڻهن کي پنهنجن اجهن کان محروم ڪرڻ سراسر ظلم، ناحق ۽ ناانصافي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ واقعي جي فورن شفاف ۽ بي ريا انڪوائري ڪرائي وڃي، متاثر خاندانن کي فورن تحفظ فراهم ڪري نااھل عملدارن ۽ انھن جي پشت تي موجود اصلوڪن ذميدارن خلاف قانوني ڪاروئي ڪئي وڃي. قومي عوامي تحريڪ ۽ ان جا ڪارڪن متاثر خاندانن ۽ نياڻين سان هر حال ۾ گڏ بيهندا ۽ کين قانوني، سياسي، سماجي ۽ اخلاقي سهڪار فراهم ڪندا. پوليس جو داخل ڪيل ڪيس واپس ورتو وڃي. ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عدالتي فيصلي جي صورت ۾ به تشدد، بيح
اياز لطيف پليجي پاران عمرڪوٽ واقعي
0 تبصرے