لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلڻ جي ڳڙهي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 40 ورهين جو عبدالرزاق مغيري مارجي ويو
اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
ان حوالي سان مارجي ويل جي وارث محمد خان مغيري جو چوڻ هو ته چانڊيا ذات جي ماڻهن سان پلاٽ جو تڪرار هلندڙ هو جن حملو ڪري عبدالرزاق مغيري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي
مارجي ويل جي وارثن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي
ٻئي طرف حد جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مغيري چانڊيا ذات جي زمين جو هارپو ڪندا هئا زميني تڪرار معاملي تان اهڙو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي
0 تبصرے