ڪامريڊ لياقت جهتيال جي پهرين ورسي تقريب اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ مرحوم جي آخري آرامگاهه تي ملهائي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ طرفان اڻ ورڇ جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ لياقت جهتيال جي پهرين ورسي تقريب اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ مرحوم جي آخري آرامگاهه تي ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ڪاشف خاصخيلي، ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ، جنرل سيڪريٽري منان شيخ، ملير جي صدر جنسار هيسڀاڻي ۽ مرحوم جي فرزند آصف جهتيال سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران قومي گيتن جي گونج ۾ مرحوم جي آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪري سلامي پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ لياقت جهتيال هڪ شخص نه پر هڪ تحريڪ جو نالو هو، جنهن سڄي ڄمار جدوجهد جي ميدان ۾ گذاري. هنن چيو ته هو فڪرِ پليجو جو سچو پيروڪار ۽ پارٽي جو برجستو اڳواڻ هو، جنهن بغير ڪنهن خوف ۽ لالچ جي سنڌ جي واھاڻ، وستين ۽ ڳوٺن ۾ پيادو پنڌ ڪري شعور ۽ مزاحمت جو پيغام پهچايواڳواڻن چيو ته ڪامريڊ لياقت ثابت ڪيو ته سچي نظرياتي اڳواڻ ۽ ڪارڪن کي ڪنهن وڏي هجوم جي ضرورت ناهي هوندي. مرحوم اڪيلي سر منفرد انداز ۾ ڪيترائي انوکا احتجاج ڪيا، جتي هو پاڻ اڳواڻ به هوندو هو ۽ پاڻ ڪارڪن به. هن ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سماجي براين ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ڀرپور ۽ تاريخي جدوجهد ڪئي تقريب جي پڄاڻي تي اڳواڻن ڪامريڊ لياقت جهتيال کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي سندس نقش قدم تي هلڻ جو وچن ورجايو ۽ جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے