English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جهوڪ واسي نوجوان جو ٺٽي ۾ ڀائرن خلاف احتجاج
4 views
|
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
خانداني زمين ۾ منهنجو به قانوني طور حصو شامل آهي: الطاف سگريو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) سجاول جي جهوڪ واسي الطاف سگريو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو آهي ته ديھ جهوڪ ۽ ديھ دالي ۾ سندن خانداني زرعي زمين موجود آهي، جنهن ۾ سندس به قانوني حصو شامل آهي. هن چيو ته سندس ڀائر احمد علي سگريو، جاويد سگريو ۽ وزير سگريو ڪجهه بااثر ماڻهن سان ملي ڪري اها زمين مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪري رهيا آهن. الطاف سگريو موجب، تر جي بااثر شخص عبدالرحيم ۽ سندس ڀاءُ نظير سگريو جي سهڪار سان سندن خانداني ملڪيت غير واسطيدار ماڻهن کي منتقل ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب سندس حق متاثر ٿي رهيو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن وقت سر ڪارروائي نه ٿي ته کيس مالي ۽ خانداني نقصان پهچي سگهي ٿو. هن Sindh Police جي اعليٰ اختيارين سميت ايس ايس پي سجاول، ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ ڊي ايس پي بٺورو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو شفاف جاچ ڪرائي فوري انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ سندس قانوني حصو کيس ڏياريو وڃي. الطاف سگريو اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته زمين جي وڪري بابت رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪري اصل حقيقت سامهون آندي وڃي ته جيئن ڪنهن به ڌر سان ناانصافي نه ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Feb 2026
•
سندھ
سینئر صحافی عباس پٹھان اور کاشف پٹھان کی والدہ انتقال کر گئیں
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نئون ڳوٺ ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: ڳوٺ گلڻ جي ڳڙهي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عبدالرزاق مغيري مارجي ويو
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ بهرام سولنگي واسي استاد علي گل سولنگي جو ٽئين ڏينهن به احتجاج
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير واسي جو جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ضمير حاجاڻو تي الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
الطاف سگريو
خانداني زمين ۾ منهنجو به قانون
جهوڪ واسي نوجوان جو ٺٽي
0 تبصرے