روھڙي يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين ۽ شهرين جي مان ۾ افطار ڊنر

صحافي سماج جون اکيون ۽ آواز آهن، جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: عرفان علي دائود پوٽو

روھڙي يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين ۽ شهرين جي مان ۾ افطار ڊنر

روھڙي (رپورٽر) روھڙي يونين آف جرنلسٽس پاران روھڙي جي نجي ريسٽورنٽ ۾ ٽين روزي جي هڪ پُروقار افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن، معزز شهرين، صحافين ۽ تاجر برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب خوشگوار ۽ روحاني ماحول ۾ منعقد ٿي، جتي ڀائپي، اتحاد جو اظهار ڪيو ويو تقريب ۾ خاص مهمان طور صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاہ جي فوڪل پرسن عرفان علي دائود پوٽو شرڪت ڪئي سندن آمد تي يونين جي عهديدارن پاران آجيان ڪئي وئي ۽ کين سنڌ جا ثقافتي تحفا اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي، جنهن تي هن روھڙي يونين آف جرنلسٽس جا ٿورا مڃيا پنهنجي خطاب ۾ عرفان علي دائود پوٽو چيو ته صحافي سماج جون اکيون ۽ آواز آهن، جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا هن چيو ته حڪومتِ سنڌ صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو ان موقعي تي روھڙي پريس ڪلب جي صدر مجاھد بوزدار، سينئر صحافي نثار ناز رڪ، سيد عمران شاھ، ميونسپل ڪميٽي روھڙي جي اڪائونٽنٽ علي گلزار قاضي، چيف آفيسر غلام قادررڪ آل تاجر اتحاد روھڙي جي صدر نديم شيخ سميت صحافين، شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هنن روهڙي يونين آف جرنلسٽس جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون تقريبون شهر ۾ ڀائپي ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏين ٿيون تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، خوشحالي ۽ صحافي برادري جي ڪاميابي لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڪامياب اهتمام تي يونين جي قيادت کي مبارڪباد پيش ڪئي آخر ۾ يونين آف جرنلسٽس روھڙي جي صدر محمد عثمان گھنيو جنرل سيڪريٽري محمد شفيق شيخ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا