صحافي عباس پٺاڻ جي امڙ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ دم ڌڻي حوالي ڪيو
ملير(رپورٽر) سينئر صحافي عباس پٺاڻ ۽ صحافي ڪاشف پٺاڻ جي امڙ جي جنازي نماز بعد واديءِ حسين قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، صحافي عباس پٺاڻ جي امڙ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن جي جنازي نماز گذريل ڏينهن ملير جي علائقي پپري ۾ پڙهي وئي. جنازي نماز ۾ باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڪنوينر علي محمد بروهي، ڊپٽي ڪنوينر زيب علي ساريو، سينئر صحافي ڪامريڊ عيسى انصاري، ماجد سمون، عمران ڪورائي، دانش جاويد، قاضي امتياز، مرتضى مهر، علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن امان الله قريشي، سرفراز احمد قريشي، اياز احمد قريشي، غلام نبي سابقي عبدالله مسڻ، واحد بخش ترڪ، حسن ٽڳڙ، آصف قريشي، ثناءَ الله شيخ، صفدر خاصخيلي سميت ڪيترن ئي شهرين شرڪت ڪئي. جنازي نماز کانپوءِ مرحومه جو مڙهه واديءِ حسين قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي صحافي عباس پٺاڻ، ڪاشف پٺاڻ، آصف پٺاڻ، عامر علي پٺاڻ، علي رضا پٺاڻ، علي انور عسڪري، نور احمد پٺاڻ، علمدار مهدي، موسى ڪاظم، غلام شبير حيدري، محمد سليم، محرم علي ۽ ٻين ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.
0 تبصرے