English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ ٻن ڏينهن وارو يوٿ ميگا فيسٽيول جو رنگارنگ افتتاح
171 views
|
13th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي روحل کوسو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف افتتاح ڪيو
نوشهرو فيروز )ڊ ر )ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ٻن ڏينهن وارو يوتھ ميگا فيسٽيول جو رنگارنگ افتتاح ايس ايس پي نوشهرو فيروز روحل کوسو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف ڪيو۔ فيسٽيول جو انعقاد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يوٿ افيئرز رضوان ملاح ۽ معيذ حسين سومرو جي نگراني هيٺ ڪيو ويو، جن افتتاحي تقريب دوران فيسٽيول جي مقصدن بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي۔ فيسٽيول جي پهرئين ڏينهن ضلعي ڀر جي مختلف سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور حصو ورتو۔ شاگردن خوبصورت ۽ بامعنيٰ ٽيبلو پيش ڪيا جن ۾ قومي يڪجهتي، تعليم جي اهميت، امن ۽ محبت ۽ سماجي سجاڳي جهڙا موضوع اجاگر ڪيا ويا۔ ان کان علاوه تقريرن، ملي نغمن ۽ ٻين تخليقي سرگرمين وسيلي نوجوانن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، جنهن کي شرڪت ڪندڙن گهڻو ساراهيو۔ ان موقعي تي ايس ايس پي نوشهرو فيروز روحل کوسو خطاب ڪندي چيو ته نوجوان نسل مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن کي پنهنجا خواب ۽ صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ هن چيو ته اڄ جي فيسٽيول کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته نوشهرو فيروز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ لامحدود ٽيلنٽ موجود آهي، جنهن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي۔ ايس ايس پي روحل کوسو وڌيڪ چيو ته اهڙا تعليمي ۽ ثقافتي پروگرام نوجوانن ۾ اعتماد ۽ خود اعتمادي پيدا ڪن ٿا، کين سماجي ۽ تعليمي شعور سان گڏ مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪن ٿا ۽ منفي رجحانن کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ هن چيو ته والدين کي پڻ گهرجي ته اهڙن پروگرام ۾ شرڪت ڪن ته جيئن اهي پنهنجن ٻارن جي صلاحيتن کي ويجهي ڏسي سگهن ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪن۔ ايس ايس پي زور ڏنو ته فيسٽيول جهڙا پروگرام باقاعدگي سان منعقد ٿيڻ گهرجن ته جيئن نوجوان نسل جي رهنمائي ٿئي ۽ سماج ۾ مثبت سرگرمين کي فروغ ملي۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يوٿ افيئرز رضوان ملاح ۽ معيذ حسين سومرو چيو ته ٻن ڏينهن وارو يوتھ ميگا فيسٽيول صوبائي وزير راندين ۽ يوٿ افيئرز سردار محمد بخش مهر جي خصوصي هدايتن تحت سنڌ ڀر ۾ منعقد ڪيو ويو آهي۔ پروگرام جو مقصد نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، انهن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ صحتمند سماجي رجحانن کي فروغ ڏيڻ آهي۔ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف خطاب ڪندي چيو ته سٺو، بهترين ۽ صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جيڪو منفي رجحانن جو خاتمو ڪري سگهي۔ هن چيو ته نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ انهن کي سماجي ذميوارين جو شعور ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته تعليم سان گڏ پنهنجن فرضن ۽ سماج جي حقن جو به خيال رکڻ ضروري آهي، جيئن هڪ مثالي ۽ پرامن معاشرو قائم ڪري سگهجي۔ تقريب جي پڄاڻي تي نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن فيسٽيول کي نوجوانن لاءِ هڪ مثبت ۽ همٿ افزا قدم قرار ڏنو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز ۾ ٻن ڏينهن وارو يوٿ ميگا فيسٽيول
0 تبصرے