English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ سٽي ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن جي ھڪ مھيني کان بجلي بند، رهواسين جو ڌرڻو
261 views
|
13th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
بجلي جي بندش خلاف رهواسين پاران عورتن سميت گرڊ اسٽيشن آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ سٽي ۽ ان سان لاڳاپيل سوين ڳوٺن ۾ گذريل ھڪ مھيني کان بجلي جي مڪمل بندش خلاف علائقي واسين گرڊ اسٽيشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي.مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته لڳاتار هڪ مهيني کان بجلي بند هجڻ ڪري روزاني زندگي سخت متاثر ٿي آهي. رمضان المبارڪ جي آمد ويجهي آهي، پر گهرن ۾ اوندهه ڇانيل آهي. هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب پاڻي جي به سختن کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻتہ گهڻن علائقن ۾ پاڻي موٽرن ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي. پاڻي نه هجڻ ڪري عورتن ۽ ٻارن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.علائقي واسين الزام لڳايو ته گڏاپ ٻهراڙين ۾ قائم گرڊ اسٽيشن مان بحريا ٽائون کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهنتہ ته مقامي آباديون بجلي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. مظاهرين چيو ته هو صدين کان هتي آباد آهن، پر کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ انسان به نه سمجهيو پيو وڃي.ڌرڻي دوران رهواسين مطالبو ڪيو ته فوري طور بجلي بحال ڪئي وڃي، پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ ديھي علائقن سان امتيازي سلوڪ بند ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.ٻئي پاسي لاڳاپيل ادارن پاران اڃا تائين ڪو واضع مؤقف سامهون ناهي آيو. رهواسين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي رمضان المبارڪ کان اڳ بجلي جي مستقل بحالي جو مطالبو ڪيو آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ سٽي ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن
بجلي بند، رهواسين جو ڌرڻو
0 تبصرے