English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انتھاپسنديءَ جي روڪٿام واري عالمي ڏينهن تي ملير ۾ تقريب
189 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿيل تقريب۾ شدت پسنديءَ خلاف گڏيل جدوجهد جو عزم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)انتھاپسنديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي زيرِ اهتمام هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه، خاص ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي صدر عبدالجبار خاصخيلي، سنڌ سماجي سٿ جي اڳواڻ شمس جويو، سينيئر صحافي سامي ميمن، عوامي پريس ڪلب ملير جي جنرل سيڪريٽري طارق جان سهتو، ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول جي پرنسپل شفقت حاجاڻو، جدوجهد ڪميٽي جي اقبال ڪلمتي، شيراز سولنگي، فيض هيسباڻي، سوڀارو ڪلمتي سميت ٻين معززن خطاب ڪيو تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انتھاپسندي ۽ پرتشدد نظريا معاشري جي امن، ترقي ۽ يڪجهتي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن زور ڏنو ته نوجوان نسل کي شدت پسند سوچ کان بچائڻ لاءِ تعليم، شعور ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته رواداري ۽ قانون جي بالادستي ئي پائيدار امن جي ضمانت آهي هن چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير شدت پسنديءَ جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو سنڌ سماجي سٿ جي شمس جويو ۽ صحافي سامي ميمڻ چيو ته ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، صحافين کي گهرجي ته هو ذميواراڻي رپورٽنگ ذريعي سماج ۾ مثبت سوچ کي ھٿي ڏين ۽ نفرت انگيز بيانن جي حوصلا شڪني ڪن خاص ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي صدر عبدالجبار خاصخيلي چيو ته سماجي تنظيمون نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪري انتھاپسنديءَ جي رجحانن جو مؤثر تدارڪ ڪري سگهن ٿيون جدوجهد ڪميٽي جي اقبال ڪلمتي ۽ شيراز سولنگي چيو ته رياستي ادارن، تعليمي ادارن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي ته جيئن شدت پسند عنصرن کي روڪي سگهجي ٻين مقررن چيو ته اختلافِ راءِ کي برداشت ڪرڻ ۽ آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ ئي مهذب معاشري جي سڃاڻپ آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته تعليمي نصاب ۾ رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جي موضوعن کي وڌيڪ مؤثر نموني شامل ڪيو وڃي تقريب جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته انتھاپسنديءَ خلاف هر سطح تي جدوجهد جاري رکي ويندي..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
انتھاپسنديءَ جي روڪٿام واري
عالمي ڏينهن تي ملير ۾ تقريب
0 تبصرے