English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ناجائز لوڊشيڊنگ خلاف سماجي ڪارڪن آزاد مجتبيٰ جو زنجير پائي انوکو احتجاج
92 views
|
09th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪ جي حڪمرانن اسان کي مسئلن، مهانگائي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي: آزاد مجتبيٰ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي ڪارڪن آزاد مجتبٰی بدترين ۽ ناجائز بجلي لوڊشيڊنگ خلاف هڪ منفرد ۽ علامتي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي زنجير پائي پنهنجي گهر کان پيادل مارچ ڪيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان احتجاج ڪيو، احتجاج جي شروعات پي ايس 91 ڊسٽرڪٽ ڪورنگي يوسي 07 ماڊل ٽاؤن (ڪي اي گارڊن) کان ٿي جتان آزاد مجتبٰی هٿن ۾ احتجاجي چارٽ کڻي زنجير پائي پيادل سفر شروع ڪيو. هو مختلف علائقن ۽ شاهراهن مان ٿيندو ايئرپورٽ روڊ تي قائم ڪي اليڪٽرڪ آفيس جي مرڪزي گيٽ تائين پهتو جتي باقاعده احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ان موقعي تي سندس ساٿ ۾ سديس فهيم، جي ايم گھانگھرو، ايڊووڪيٽ صدام سنڌي، ايڊووڪيٽ اياز لاڙ، فرحان سليم جٽ، قاسم چانڊيو، راشد قريشي ۽ ٻيا سماجي ڪارڪن پڻ موجود هئا جن احتجاج ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو، احتجاج دوران شرڪت ڪندڙن بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي “ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪريو” “پورو بل — مڪمل سروس ڏيو” جهڙا نعرا درج هئا.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سماجي ڪارڪن آزاد مجتبٰی چيو تہ ملڪ جي حڪمرانن اسان کي مسئلن، مهانگائي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڄڻ غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسين ڪنهن جا غلام ناهيون. بجلي، گيس ۽ بنيادي سهولتون اسان جو آئيني ۽ انساني حق آهن ڪو احسان ناهي. جيڪڏهن اسان جا حق کسيا ويا ته اسين هر فورم تي آواز اٿارينداسين ۽ هر ممڪن جدوجهد ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته هي احتجاج ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوامي حق لاءِ هو ۽ جيڪڏهن لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ناجائز لوڊشيڊنگ خلاف
0 تبصرے