English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري، حر شاهين فائنل ۾ پهچي وئي
134 views
|
02nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو سيمي فائنل کيڏيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ جاري ٻيو الحاج مرحوم سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ حڪومتِ سنڌ ۽ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي سهڪار سان ڪاميابيءَ سان جاري آهي، ٽورنامينٽ جي شاندار ۽ سنسني خيز سيمي فائنل مقابلي ۾ حر شاهين ۽ اوڏ اسٽار جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، حر شاهين ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنس ٺاهيا، حر شاهين طرفان شهروز ليفٽي شاندار 73 رنس ٺاهيا، جڏهن ته دانش شيخ رڳو 8 بالن تي جارحاڻا 40 رنس ٺاهي ۽ يوراج ليفٽي به 40 رنسن جي عمده اننگز کيڏي، جواب ۾ اوڏ اسٽار جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 180 رنس ٺاهي سگهي، اوڏ اسٽار طرفان ڀرت 48 رنس ۽ مولچند 40 رنس ٺاهي مزاحمت ڪئي، پر ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اهڙي طرح حر شاهين سيمي فائنل کٽي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وئي، ٽورنامينٽ جو فائنل اڄ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ حر شاهين وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن کي ڪرڪيٽ شوقين هڪ تاريخي مقابلو قرار ڏئي رهيا آهن، فائنل ڏسڻ لاءِ ضلع عمرڪوٽ سميت ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف علائقن مان ڪرڪيٽ شوقينن جي وڏي انگ ۾ آمد متوقع آهي، شاندار بيٽنگ ۽ آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ تي شهروز آرائين کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جن کي رحيمداني ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداني طرفان نقد انعام ڏنو ويو، ميچ دوران ڪمينٽيٽر منير نهڙي به پنهنجا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته اسڪورر فقير ياسر بهترين اسڪارنگ جا فرض نڀائي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ هارڊ با
عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
0 تبصرے