سجاول (رپورٽر) لائيواسٽاڪ اينڊ فشريز سنڌ محمد علي خان ملڪاڻي پاران صوبي جي مالونڌ حضرات کي سموريون سھولتون ۽ سروسز فراھم ڪرڻ ۽ عملي جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ کاتي جي ڊائريڪٽرس ۽ ڊي جي کي سنڌ جي سمورين اسپتالن فارمس ۽ سينٽرن جي ھنگامي دورن جي ڏنل خاص ھدايتن تحت ڊائريڪٽر جنرل لاءيواسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽرحذب الا ڀٽو پاران سجاول جانورن جي اسپتال تي اوجتو دورو ان موقعي تي ويٽرنري آفيسر سجاول ڊاڪٽر علي حسن جت پنھنجي اسٽاف سميت ڊيوٽي تي موجود ھو, ڊي جي کي ڪم ڪار سميت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڊي جي پاران سجاول اسپتال جي مجموعي ڪم ڪار تي سرھائيندي ,خوشي جو اظھار ڪيو ۽عملي کي شاباس ڏيندي مالونڌ ڀائرن جي خدمت کي وڌ کان وڌ جاري و ساري رکڻ جون ھدايتون ڏنيون .
0 تبصرے