English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ لاشاري برادري جي معزز جي گھر مان ڌاڙو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملير ۾ احتجاج
141 views
|
28th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سردار حسن لاشاري جي گهر ٻه ڀيرا ڌاڙو لڳو، هٿياربندن 50لک رپيا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويا: مظاهرين
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٺٽي ضلعي جي گھارو شهر ۾ لاشاري برادري جي معزز سردار حسن لاشاري جي گھر ۾ لڳندڙ ڌاڙي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف آل پاڪستان لاشاري بلوچ هيومن رائيٽس ايسوسيئيشن ملير طرفان ضلعي صدر ڊاڪٽر انور لاشاري ، سينيئر نائب صدر رئيس مقبول لاشاري ، جنرل سيڪريٽري ڄام جميل لاشاري، سردار حاجي شاھ مراد لاشاري، غلام حيدر لاشاري حاجي اجمل ڪلمتي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاشاري ڳوٺ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي مظاهرين ٺٽو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ضلعو ٺٽو خاص طور تي گهارو ٿاڻي جي حدن اندر امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي جتي ڦر، چوري ۽ رهزني جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن پر پوليس طرفان ڪا به اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي هنن ٻڌايو ته سردار حسن لاشاري جي گهر ٻه ڀيرا ڦر ٿي آهي جنهن دوران هٿياربندن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لڳ ڀڳ پنجاهه لک رپيا نقد، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کسي ورتو پر ايتري وڏي واردات باوجود گهارو پوليس نه جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي متاثر خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي جنهن سبب علائقي واسي سخت خوف ۽ دهشت ۾ مبتلا آهن مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، گهارو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس گشت وڌايو وڃي ۽ بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام پوليس عملدارن خلاف سخت کاتيداري ڪارروائي ڪئي وڃي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبن تي فوري عمل نه ٿيو ته وزير اعليٰ هائوس سميت ايس ايس پي ٺٽو جي آفيس ۽ مين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻا هنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ لاشاري برادري جي معزز ج
0 تبصرے