ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي 69هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ ڪلچرل فورم پاران تقريب منعقد ڪئي وئي
ٺٽو ( شفيق ڀٽي)سنڌ جي قومي، مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي 69هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ ڪلچرل فورم پاران مڪليءَ جي تاريخي ماڳ تي سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جي صدارت نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جمشيد جوکيو ڪئي. سالگرهه جي ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو سميت سجاد حسين ميمڻ، شڪيل کٽي، منير ميمڻ، غلام نبي زئور، مظهر علي مستوئي، آفاق احمد سهتو، شهزاد ميمڻ، شوڪت زئور ۽ ٻين علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تعليم دوست شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ساڃاهه وندن ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري لاڙپٽي سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ باڪمال شاعر ۽ ڌرتي دوست سياسي اڳواڻ هو. هنن چيو ته آڪاش انصاري جي شاعريءَ ۾ ڌرتي، سرتي ۽ سنڌي سماج جي خوبصورتي سان گڏوگڏ عام ماڻهن جي مسئلن، تڪليفن ۽ جدوجهد جو انتهائي باريڪ بيني سان اظهار ملي ٿو. ساڃاهه وندن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري پنهنجي تخليقن وسيلي فسطائي، عوام دشمن ۽ قوم دشمن قوتن کي بي نقاب ڪيو، جڏهن ته سندس شاعريءَ ۾ انسان دوستي، امن ۽ عالمگيريت جو سگهارو پيغام پڻ موجود آهي. هنن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل کي هڪ گهري سازش قرار ڏيندي چيو ته آڪاش جو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي، پر اهو ڏاهپ، سچ، ساڃاهه ۽ سرت جي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي فڪر، شاعري ۽ جدوجهد کي زنده رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے