English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد جي باهه متاثرن سان ملاقات
158 views
|
25th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
فاطمه مجيد متاثرن جا سڙيل گهر، مڇي مارڻ جا رِڇ، ۽ ٻيو سامان ڏسي افسوس جو اظهار ڪيو
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرمين پرسن ۽ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ ملير جي صدر فاطمه مجيد رزاق آباد ۾ باهه لڳڻ سبب سڙيل گهرن جي متاثر ملاح برادري سان ملاقات ڪئي. هن متاثرن جا سڙيل گهر، مڇي مارڻ جا رِڇ، ۽ ٻيو سامان ڏسي افسوس جو اظهار ڪيو .ان موقعي تي فاطمه مجيد باهه ۾ زخمي ٿيل سڪندر ملاح جي عيادت ڪندي سندس مزاج پرسي پڻ ڪئي. متاثر ملاحن عمر ملاح، سڪندر ملاح، ارشد علي، صدام حسين ۽ علي اڪبر فاطمه مجيد کي ٻڌايو ته رات تقريباً چار وڳي اوچتو باهه لڳي، جنهن سبب سندن گهر، مڇي مارڻ جا رِڇ، راشن ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. هنن ٻڌايو ته هو روزانو صبح سوير رِڇ ڪلهي تي کڻي پيرين پنڌ پورٽ قاسم ڀرسان سمنڊ تائين وڃي مڇي ماري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن، پر باهه لڳڻ کان پوءِ سندن روزگار مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي.ان موقعي تي فاطمه مجيد متاثر ملاحن سان همدردي جو اظهار ڪندي فوري طور مالي مدد ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي فون ڪري هدايتون ڏنيون ته متاثر خاندانن کي ترت مڇي مارڻ جا رِڇ، ۽ راشن فراهم ڪيو وڃي.ميڊيا سان ڳالهائيندي فاطمه مجيد چيو ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ماهيگيرن جي نمائنده ادارو آهي، جيڪا هميشه متاثر ماهيگيرن جي هر ممڪن مدد ڪندي رهي آهي. هن چيو ته جيئن ئي واقعي جي اطلاع ملي، تيئن ئي آفيس عملي کي متاثر علائقي ڏانهن موڪليو ويو ۽ اڄ پاڻ اچي سڙيل گهرن جو جائزو ورتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته متاثر ملاحن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ سندن بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.هن موقعي تي پيپلز پارٽي ملير جي اڳواڻ بانو خان سميت علائقي واسي پڻ موجود هئا، جن متاثر ملاح برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو فاطمہ مجيد جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن
0 تبصرے