لال ھائوس عمرڪوٽ تي قائداعظم ۽ نواز شريف جي سالگرهه تقريب منعقد

موهن لال، سيد صفدر حسين شاهه، ڀڳت ڪيول، ڀڳت گلجي، اشوڪ ڪمار ڀڳت، پون ڪمار ۽ ٻيا شريڪ

لال ھائوس عمرڪوٽ تي قائداعظم ۽ نواز شريف جي سالگرهه تقريب منعقد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) لال هائوس عمرڪوٽ ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناحؒ جي 149ھين سالگرهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف جي 76هين سالگرهه جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ نواز ليگ جي اڳواڻ موهن لال، سيد صفدر حسين شاهه، ڀڳت ڪيول، ڀڳت گلجي، اشوڪ ڪمار ڀڳت، پون ڪمار، راجيش ڪمار سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قائداعظمؒ جي مغفرت، ملڪ پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دعا گهري وئي، ۽ ميان نواز شريف جي وڏي ڄمار، سٺي صحت جي دعا گھري وئي، تقريب دوران نواز شريف زندهه باد جا نعرا پڻ هنيا ويا، ان کانپوءِ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ ميان نواز شريف سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو