نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا جي پڄاڻي واري تقريب

اسپورپٽس گالا ۾ ملھ، ڪوڏي ڪوڏي، والي بال ۽ ٽيبل ٽينس جا مقابلا ڪرايا ويا

نوشهرو فيروز ۾ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا جي پڄاڻي واري تقريب

نوشهروفيروز (ڊ ر)سنڌ جي راندين ۽ يوٿ افيئرس واري صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري جي خاص ھدايتن تي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ نوشهرو فيروز پاران ڊسٽرڪٽ اسپورٽس گالا جو ڪامياب اختتامي تقريب گورنمينٽ مدرسه ۽ ھاء نوشهرو فيروز جي گرائونڊ تي منعقد ڪئي وئي جتي سنڌ جون ثقافتي ۽ روايتي راند ملھ ، ڪٻٽي ، والي بال ۽ ٽيبل ٽينس منعقد ڪيون ويون جنھن جو مھمان خاص پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر اڳواڻ نبي بخش لاکو ھيو . جڏھن ھن ۾ اسپورٽس آفيسر شھباز خان عباسي ، ايڊووڪيٽ معين ڀٽي ، راڻا محمد واجد ، سھيل احمد لاشاري ، عبدالمجيد خانزاده ، جمشيد راڄپر ، محمد يونس راڄپر ، ايم ظفر تڳر ، ياسر علي ۽ مختيار علي رند شامل ھئا. ان موقعي تي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ نوجوانن لاءِ نصابي سرگرمين گڏ رانديون جون سرگرميون تمام ضروري آھن ڇاڪاڻ تہ راندين جي ڪري انسان صحتمند رھي ٿو ۽ صحتمند انسان ئي سٺي تعليم حاصل ڪري معاشري جو ڪارآمد شھري بڻجي سگهي ٿو .ان ڪري اسان کي راندين جي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ گھرجي تہ جيئن نوجوان مثبت سرگرمين طرف راغب ٿي سگھن ھن چيو تہ راندين سان ئي منفي رجحان روڪي سگھجي ٿو . ھن وڌيڪ چيو تہ جنھن شھر ۽ ملڪ جي راندين جا ميدان آباد ھوندا انھن جون اسپتالون ويران ھونديون . ھن چيو تہ ملھ ۽ ڪٻٽي سنڌ جون ثقافتي رانديون آھن جيڪي ختم ٿينديون پئي ويون ان لاءِ ضروري آهي تہ قومي ۽ عالمي راندين سان گڏ ھنن راندين کي پڻ فروغ ڏيون تہ جيئن اھي ثقافتي رانديون بچي سگھن . ھن چيو تہ راندين وارو کاتو ضلعي ۾ سٺو ڪم ڪري رھيو آھي پر ان کي وڌيڪ بھتر ۽ تيز ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي . ان موقعي تي مقالا کٽندڙ ۽ سٺي ڪارڪردگي کي ٽافيون ۽ انعام ڏنا ويا .