رزاق آباد ۽ غريب آباد جي رهواسين جو گندگي ۽ گٽر جي پاڻي خلاف احتجاج

غريب آباد ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ توڙي گندو پاڻي بيهڻ ۽ گندگي سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: اڳواڻ

رزاق آباد ۽ غريب آباد جي رهواسين جو گندگي ۽ گٽر جي پاڻي خلاف احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)يوسي چوڪنڊي ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي علائقي رزاق آباد ۽ غريب آباد پاڙي ۾ گٽر جي گندي پاڻي جي بيهڻ ۽ ڪچري جي ڍيرن جي صفائي نه ٿيڻ خلاف علائقي جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو. رهواسي مڪاني ادارن جي نااهلي خلاف رستن تي نڪري آيا، جتي احتجاجي مارچ کان پوءِ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.احتجاج ۾ رهواسين سان گڏ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ اقبال ڪلمتي، فيض هيسباڻي، شيراز سولنگي، وھاب گبول، صدام ڪلمتي، منظور شاهه، حسين ڪلمتي ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گذريل ٽن سالن کان رزاق آباد، غريب آباد ۽ ڀرپاسي وارا علائقا مڪمل طور گندگي جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گٽر جو گندو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي بيٺل آهي.مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته اربين روپين جو صفائي ۽ نيڪاسي لاءِ بجيٽ هجڻ باوجود يو سي چوڪنڊي ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي انتظاميه مڪمل طور ناڪام نظر اچي ٿي. گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب وبائي بيمارين جو خطرو وڌي ويو آهي ۽ ٻار، عورتون ۽ پوڙها سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.رهواسين ۽ اڳواڻن انتظاميه کان فوري طور گٽر جي صفائي، ڪچري جي ڍيرن کي هٽائڻ ۽ مستقل بنيادن تي نيڪاسي جو نظام بهتر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جلد مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو