English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ملز مان لوهه جي چوري جي الزام هيٺ 6 ڄڻا گرفتار، ٽرڪ هٿ
220 views
|
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي اسٽيل ملز مان چوري ۾ ملوث گروهه کي گرفتار ڪيو: ڊاڪٽر عبدالخالق
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)بن قاسم پوليس پاڪستان اسٽيل ملز مان ڪروڙين رپين جي قيمتي مشينري ۽ ڌاتن جي چوري ۾ ملوث منظم گروهه خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ڇهن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته چوري ٿيل سامان جي ترسيل ۾ استعمال ٿيندڙ 22 ويلر ٽرڪ پڻ قبضي ۾ ورتو ويو آهي۔ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق موجب پوليس کي ڳجهي اطلاع ملي هئي، جنهن جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي اسٽيل ملز اندر چوري ۾ ملوث گروهه کي گرفتار ڪيو ويو۔ گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ اسٽيل ملز جا ملازم پڻ شامل آهن، جيڪي اندروني سهولتڪاري ذريعي پلانٽ جي قيمتي مشينري ۽ لوهي کي ٻاهر منتقل ڪري رهيا هئا۔ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته گرفتار جوابدار نديم حسين هن گروهه جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو چوري ٿيل سامان جي سهولتڪاري ۽ وڪري ۾ ملوث هو، جڏهن ته ٻين گرفتار جوابدارن ۾ نصار، عبدالوحيد، لياقت خان، زاهد خان ۽ خالد شام شامل آهن۔پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان برآمد ٿيل سمورو لوهو ۽ مشينري اسٽيل ملز جي پلانٽ سان تعلق رکي ٿي۔ ڪارروائي دوران پوليس 36 هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ (36 ٽن) وزن وارو چوري ٿيل مشينري ۽ لوهي جو سامان برآمد ڪيو، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپين ۾ ٻڌائي پئي وڃي۔پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار چوري ٿيل سامان 22 ويلر ٽرڪ ذريعي مختلف گودامن تائين منتقل ڪندا هئا، جتان ان کي وڪرو ڪيو ويندو هو، جڏهن ته ٻين جوابدارن هن عمل ۾ سهولتڪاري فراهم ڪئي۔گرفتار جوابدارن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هن منظم نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين ممڪن سهولتڪارن ۽ خريدارن جي ڳولا پڻ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محسن نقوي جي تقرير کانپوءِ پاڪستان جو سياسي مستقبل: جمهوريت، نوان صوبا يا نئون سماجي معاهدو؟"
30th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان میں بڑھتے ہوئے تھیلیسیمیا کے کیسز اور خون کے عطیات کی اہمیت
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
میرٹ اور مستقبل کے تحفظ کے لیے احتجاج کرنے والے نوجوان پرعزم، قومی شاہراہ پر دھرنے کی تجویز
30th Jul 2026
•
تازہ ترین
امریکا کا ایران کی سمندری ناکہ بندی مزید سخت کرنے کا دعویٰ
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گھگھر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ پوليس جي گهر تي مبينا چڙهائي، نوجوان کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: اي ڊي سي ون عمران الحق جي صدارت ھيٺ اجلاس
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سيٺارجا ۾ صحافي اتحاد خيرپور پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
31st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم بابت گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسٽيل ملز مان لوهه
0 تبصرے