نوشھروفيروز جي جهنگلي کاتي پاران 7 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پکين جو شڪار ڪندڙ گروه خلاف پٽيشن داخل

عبدالرشيد کوسو۔ موسي ملاح۔ مرتضيٰ ملاح۔ عرفان ملاح۔ ياسين چنا سميت 10ڄڻن تي پکين جي شڪار جو الزام

نوشھروفيروز جي جهنگلي کاتي پاران 7 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پکين جو شڪار ڪندڙ گروه خلاف پٽيشن داخل

نوشھروفيروز (ڊ ر)جنگلي کاتي نوشھروفيروز 7 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پکين جو شڪار ڪري پنجاب موڪليندڙ گروه خلاف نوشھروفيروز جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو۔ جنگلي جيوت کاتي جي انسپيڪٽر غلام مرتضي خشڪ جي مدعيت ۾ داخل ٿيل ايف آء آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ملزم عبدالرشيد کوسو۔ موسي ملاح۔ مرتضي ملاح۔ عرفان ملاح۔ ياسين چنا سميت 10 بين الصوبائي گروه تتر۔ بٽير۔ آڙي۔ طوطن سميت ٻين 7 هزار پکين جو شڪار ڪري مڇيء جي نالي تي ڪوچ نمبر GSH595 ۾ پنجاب جي شھر خانيوال موڪليا جتان جي انتظاميه ڇاپي دوران شڪار ڪيل پکي هٿ ڪيا۔ انسپيڪٽر غلام مرتضي خشڪ صحافين کي وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙي رپورٽ ملڻ کان پوء جوابدارن خلاف نوشھروفيروز جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پکين جو شڪار ڪندڙ جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ جوابدارن جي گرفتاري فوري طور عمل ۾ آندي ويندي۔ ان موقعي تي چيف ڪنزرويٽو جاويد احمد مهر۔ ڪراچي جو ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر۔ غلام قادر سهاڳ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔