حيدرآباد۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ٽئين ڏينهن به بک هڙتال

زينت سمون، نصرت خاصخيلي، نذير بليدي، شوڪت سريوال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي بک هڙتال ڪئي وئي

حيدرآباد۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ٽئين ڏينهن به بک هڙتال

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران اڄ آخري ٽئين ڏينهن بہ سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، منشيات ۽ بدامني خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو بختاور چنڊ قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، شوڪت سريوال، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو، خادم سمون،رفيق ڪنراڻي، امداد پنھور،راول سيال بابو سولنگي، گلزار ڪلھوڙو، ثنا الله، آزاد ميرواھي، نظير لاکو، شمن چانڊيو، راجا چانڊيو چيتن ڄمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي پليس چوڪ پيادل مارچ ڪري نسيم نگر چوڪ قاسم تي بک هڙتال ڪئي وئي.ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي، صبا سمون، بختاور چنڊ راحيلا ڀٽو ۽ ٻين عورت اڳواڻن پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، بدامني لاقانونيت ،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف مسلسل اڻٿڪ ۽ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي زينت سمون چيو تہ چيو تہ ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي.پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا، درياھ ۽ لکين ايڪڙ زمين جو سودو ڪري چوٿون ڀيرو اقتدار ورتو آھي پيپلزپارٽي سنڌو درياھ، ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، ۽ ٻيا وسيلا وڪڻي ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي غلط ۽ سنڌ دشمن پاليسن جي ڪري سنڌ عذاب مان گذري رهي آهي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي تيل، گئس، ڪوئلو سميت ٻي معدنيات آهي زراعت، سمنڊ، جبل، درياء ۽ بندرگاھ آهن اھڙن ڌرتي وسيلن وارا رياستون ۽ ملڪ ترقي يافته ۽ خوشحال آهن پر سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا جي ڪري غذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي ۽ 18 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جا حڪمران خوشحال آهن قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزاني شوڪت سريوال خطاب ڪندي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي ويران حويلي بڻائي ڇڏيو آهي پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي انچ انچ کي نيلام ڪرڻ چاهي ٿي. اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن جي حق حاڪميت ختم ٿي وڃي ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن سنڌين مان سخت بيزار آهن ھنن جو وس پھچي سنڌي ھجن ائين نہ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهين ٿا جنهن ۾ ست ڪڙور سنڌي ھجن ائين نہ رڳو زمين، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس سمنڊ ماربل ھجي جنهن کي اسان مالي غنيمت سمجهي لٽيون ڦڙيون پر بدقسمتي سان سنڌي آھن ست ڪڙور تنھن ڪري پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت لوھ ٿي وئي آهي ست ڪڙور سنڌين کي ڪيڏانهن ڪن، انهن لاءِ سازشون ۽ اٽڪلون ڪن پيا. پر ست ڪڙور سنڌي سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ راول سيال خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي ترقي جي نالي ۾ ڪرپشن ذريعي تباھ ڪيو ويو آهي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي. ماڻھو پوليس وٽ وڃڻ کان خوف کائين ٿا. پوليس رشوت کانسواءِ ڪنھن غريب متاثر جي ڳالھ نٿي ٻڌي. طاقتور ماڻھو ۽ پئسي وارا ماڻھو پوليس کي استعمال ڪن ٿا. خريد ڪن ٿا ۽ مخالفن خلاف ڪجھ ھزارن ۾ ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي انھن جي زندگي جھنم بنائي ڇڏين ٿا. اھڙي انسان دشمن نظام کي رد ڪريون ٿا. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ سڀني لاءِ قانون برابر هئڻ گهرجي، وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سردارن لاء هڪڙو قانون ۽ غريب عوام لاء ٻيو قانون هجي اهو ٻٽو معيار ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ آهي سنڌ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني ناھي. وزير، ايم پي ايز، اين اين ايز ۽ حڪومتي وڏيرا پنھنجون رياستون ٺاھي ويٺل آھن. پنھنجي پسند جا ايس ايس پيز ۽ ٻيا آفيسر مقرر ڪري انھن کان پنھنجا ناجائز ڪم وٺن ٿا. زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضن، منشيات ۽ ٻين ڏوھارين جي سرپرستي ڪن ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نظير لاکو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي کي سنڌ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان ڪو بہ واسطو ناھي پيپلزپارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ثابت ٿي آهي اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور سنڌ جي حقن جون ڳالھيون ڪندي آهي ۽ جڏهن پيپلزپارٽي کي اقتدار ملندو آهي تہ سنڌ وسري ويندي آهي.