حيدرآباد (رپورٽر) پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ اڪيڊمڪ سال 2024–2025ع لاءِ سالياني ايوارڊ سرمني نهايت ئي شاندار، منظم، باوقار ۽ يادگار نموني سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علم، ادب، ثقافت ۽ نظم و ضبط جو حسين سنگم ڏسڻ ۾ آيو. تقريب اسڪول جي وسيع ۽ سجايل هال ۾ منعقد ٿي، جتي شاگردن، استادن، والدين ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.تقريب جا معزز مهمان خاص حنيف شريف (ڊائريڪٽر آف آغا خان يونيورسٽي امتحان بورڊ)، نواب ظفر (ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن) ۽ اقبال ميمڻ (پرنسپال پبلڪ اسڪول حيدرآباد) هئا، جن پنهنجي موجودگي سان تقريب جي وقار ۾ اضافو ڪيو. ان موقعي تي ميمبرس آف بي او جي، رمشا ٽالپر ۽ همايون خان پڻ موجود هئا، جن جي شرڪت محفل جي سونهن بڻجي وئي.تقريب ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي وائيس پرنسپالن فضل الدين ميمڻ ۽ پير محمد جوڻيجو، ڊائريڪٽر آف اسٽڊيز اشوڪ ڪمار، اسڪول جا سينيئر ۽ جونيئر استاد، شاگرد، شاگردياڻيون ۽ انعام ماڻيندڙ شاگردن جا والدين ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي.پروگرام جي شروعات قرآن مجيد جي پاڪ تلاوت سان ٿي، جنهن بعد عقيدت ۽ محبت سان ڀرپور نعت رسول ﷺ پيش ڪئي وئي. ان کان پوءِ اسڪول جي پرنسپال اقبال ميمڻ ۽ ميڊم ڪهڪشان پاران معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيو ويو. اقبال ميمڻ تقريب ۾ ڳالهائيندي شاگردن جي صلاحيتن، استادن جي محنت ۽ والدين جي ساٿ ۽ سهڪار کي پڻ ساراهيو.تقريب جي ڪاروائي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي اعتماد، سٺي لهجي ۽ ڀرپور مهارت سان گڏيل طور تي هلائي، جنهن سامعين کان خوب داد حاصل ڪيو.تقريب دوران شاگردن طرفان خوبصورت ٽيبلوز، دل موهيندڙ گيت، ثقافتي رنگن سان سينگاريل ڊانس ۽ مختلف فني آئيٽمز پيش ڪيا ويا، جيڪي سامعين لاءِ اکين ۽ دلين کي وڻندڙ منظر بڻجي ويا. ان بعد اڪيڊمڪ ۽ غير اڪيڊمڪ شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ک سرٽيفڪيٽ، شيلڊون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيا قيمتي انعام ڏنا ويا، جنهن سان شاگردن ۾ وڌيڪ محنت، لگن ۽ همت جو جذبو پيدا ٿيو. ان سان گڏ محنتي ۽ قابل استادن کي پڻ سندن خدمتن جي اعتراف طور سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا، جڏهن ته اسڪول جي ٽيڪنيڪل اسٽاف کي به نظرانداز نه ڪيو ويو ۽ کين پڻ انعامن سان نوازيو ويو.سڄي تقريب نظم و ضبط، جوش، جذبي ۽ سٺي ترتيب سان ڀرپور رهي. پروگرام جي ڪامياب انعقاد ۾ انتظامي ميمبرن صهيب سيال، قدسيا ۽ ڪهڪسان جي محنت، لگن ۽ ڀرپور ڪوششن کي خاص طور ساراهيو ويو، جن پنهنجي ذميوارين کي نهايت خوش اسلوبي سان نڀايو.آخر ۾ تقريب ڀرپور چمڪ، دمڪ، رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي، جنهن بعد سڀني شرڪت ڪندڙن لاءِ رات جي ماني جو به شاندار انتظام ڪيو ويو. سالياني ايوارڊ سرمني شرڪت ڪندڙن جي دلين ۾ هڪ خوشگوار ۽ يادگار تاثر ڇڏي وئي ۽ اها تقريب پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي تعليمي، تربيتي ۽ ثقافتي ڪاميابين جو روشن مثال بڻجي سامهون آئي.
0 تبصرے