English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
230 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ،گهگهر،پپري،ڪوهي ڳوٺ، جوڳي موڙ ڪوڪڙي پاڙو، عمر مارئي ڳوٺ گندگي جي ور چڙهيل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي رزاق آباد ،گهگهر،پپري،ڪوهي ڳوٺ، جوڳي موڙ ڪوڪڙي پاڙو، عمر مارئي ڳوٺ، موسي ڳوٺ،عبداللہ ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن ۾ سيوريج ۽ گندگي جو سنگين مسئلو شدت اختيار ڪري ويو آهي. ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ نالين جو پاڻي گهٽين ۽ رستن تي وهي رهيو آهي، جنهن ڪري علائقي واسين کي سخت اذيت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته سيوريج سسٽم مڪمل طور تي ناڪارا ٿي چڪو آهي، گهٽيون گندي پاڻي سان ڀرجي ويون آهن، جڏهن ته بدبو، مڇرن ۽ بيمارين جي وڌندڙ خطري سبب ٻار، عورتون ۽ پوڙها وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪيترن علائقن ۾ اسڪول وڃڻ، روزگار ۽ آمدرفت به ڏکي بڻجي وئي آهي مقامي ماڻهن جو الزام آهي ته گڏاپ ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جون انتظاميا صرف ڪاغذي ڪارروائين ۽ فوٽو شوٽن تائين محدود آهن، جڏهن ته عملي طور تي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم ناهن کنيا ويا. بار بار شڪايتن ۽ درخواستن باوجود به ڪو به مستقل حل نظر نٿو اچي ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور سيوريج سسٽم جي مرمت، نالين جي صفائي ۽ گندگي جي نيڪالي جو بندوبست نه ڪيو ويو ته هو ٽائون آفيسن ۽ مک شاهراهن تي احتجاجي مظاهرا ڪندا، جنهن جي مڪمل ذميواري لاڳاپيل ٽائون انتظاميا تي عائد ٿيندي رهواسين اعليٰ اختيارين، چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو تڪڙو نوٽيس وٺي گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن کي هن مستقل عذاب کان نجات ڏيارڻ لاءِ ترت ۽ عملي قدم کنيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون
0 تبصرے