English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺارو شاهه جي گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيمينار منعقد
123 views
|
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت سيمينار ۾ نوجوانن کي جديد دنيا سان هم آهنگ ڪرڻ جو عزم
نوشهروفيروز(ڊ ر)ضلع نوشهروفيروز ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت سيمينار, نوجوانن کي جديد دنيا سان هم آهنگ ڪرڻ جو عزم, سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي پاران ڊائريڪٽر آف يوٿ افيئرز جي رھنمائي ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ٺاروشاھ ۾ “Empowering Through Career Counseling” جي عنوان سان ھڪ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول ، ڪاليج جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ تعليمي ماهرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت . سيمينار کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان علي ملاح چيو ته نوجوانن کي جديد دور جي مهارتن سان ليس ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر ۽ صوبائي سيڪريٽري منور علي مهيسر جي رهنمائي سان نوجوانن لاءِ اهڙا تعليمي ۽ رهنمائي پروگرام جاري رکيا پيا وڃن، جيئن هو ملڪي توڙي بين الاقوامي ليول جي مقابلن لاء قابل بنجي سگهن. تقريب دوران ڊاڪٽر پرويز احمد ڪمبوھ مستقبل لاء اڀرندڙ ڪيريئر جي رجحانن تي تفصيلي روشني وڌي، جڏهن ته پينل ڊسڪشن ۾ پروفيسر نعمت الله سومرو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم کوکر (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي)، پرنسپال ڪريم بخش سيال، پروفيسر عرفان علي ملاھ ۽ ڊاڪٽر طاهره خانزاده شرڪت ڪئي. مقررین شاگردياڻين کي منصوبابندي، ڊجيٽل مهارتن، سماجي قدرن ۽ عورتن جي بااختياري بابت اهم ۽ ڪارائتيون صلاحون پڻ ڏنيون. سيمينار جي آخر ۾ شاگردياڻين پاران شاندار ٽيبلو پيش ڪيو ويو، جنهن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو. بعد ۾ مقررين ۽ منتظمين کي اعزازي شيلڊون پيش ڪيون ويون. تقريب ۾ اعلان ڪيو ويو ته نوجوانن جي بهتر رهنمائي ۽ پيشاوراڻي ترقي لاءِ اهڙا سيمينار سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پڻ منعقد ڪيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺارو شاهه جي گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ڪيريئر
Empowering Through Career Counseling
0 تبصرے