English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بحريه يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جو پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس جو دورو
62 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سيشن دوران ماهيگيري سان لاڳاپيل مختلف اهم موضوعن تي فسرفوڪ اڳواڻ مجيد موٽاڻي تفصيلي بريفنگ ڏني
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بحريه يونيورسٽي ڪراچي جي 40 شاگردن تي ٻڌل وفد پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس ابراهيم حيدري پهتو جتي شاگردن لاءِ هڪ معلوماتي سيشن منعقد ڪيو ويو سيشن دوران ماهيگيري سان لاڳاپيل مختلف اهم موضوعن تي فسرفوڪ اڳواڻ مجيد موٽاڻي تفصيلي بريفنگ ڏني جن ۾ سامونڊي پاڻي جي وير آلڙ ۾ ايندڙ تبديليون، هاءِ ٽائيڊ ۽ لو ٽائيڊ جا ڏينهن ۽ رات جا وقت، تمر جي اهميت، قيدي ماهيگيرن جي گرفتاري ۽ سندن گهر ڀاتين جا مسئلا، گڏوگڏ سمنڊ ۾ وڌندڙ گدلاڻ جهڙا موضوع شامل هئا سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن مختلف سوال پڇيا ۽ ماهرن کان قيمتي ڄاڻ حاصل ڪئي، جنهن سان شاگردن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيو ۽ عملي مسئلن کي سمجهڻ جو موقعو مليو۔ان موقعي تي جيوٽيڪ انسٽيٽيوٽ ڪراچي جو عارف خانزادہ پڻ موجود هو، جنهن شاگردن کي لاڳاپيل موضوعن بابت رهنمائي فراهم ڪئي۔ سيشن جي پڄاڻي تي شاگردن اهڙين تعليمي سرگرمين کي ساراهيندي مستقبل ۾ وڌيڪ اهڙن سيشنن جي انعقاد جي خواهش ظاهر ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
بحريه يونيورسٽي ڪراچي جي 40 شاگردن تي
0 تبصرے