نوشهروفيروز ۾ شاگرد عمران سابقي جي مبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز ۾ شاگرد عمران سابقي جي مبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهرو فيروز(ڊ ر)نوشهرو فيروز ڀرسان قمرالدين ٿاڻي جي حد مان مورو ڊگري ڪاليج ۾ پڙھندڙ ٻارهين ڪلاس جي شاگرد عمران سابقي جي آزاديء لاءِ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيء ۽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن جو يونيورسٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج مظاهرو ڪيو ويو۔ احتجاج جي اڳواڻي شاگردن اڳواڻ نويد علي کوسو۔سرفراز احمد۔ صفدر حسين۔ علي سابقي۔ زين لاشاري ۔حسين سابقي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ ھفتو گذري چڪو آھي پوليس ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگھي ايس ايس پي نوشهرو فيروز مير روحل کوسو رڳو صرف دلاسن جي مٿان دلاسا پيو ڏئي۔ جڏھن ڪنھن ايم پي اي کي ڌاڙو ٿو لڳي ته اتي سموري سنڌ ۾ ٿرٿلو مچي ٿو وڃي جڏهن وري ان علائقي مان ڪو غريب ماڻھون اغوا ٿو ٿئي اتي پوليس انتظاميا ڪوڙو آسرو ڏيڻ ۾ پوري آهي جڏهن ته حد جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪا سار ڪانهي لڌي بدامني سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجاڻ ٿي ويو آهي مغوي عمراڻ سابقي جي امڙ ۽ پيءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾ عمران سابقي کي آزاد نه ڪرايو ويو ته ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻڻ سان گڏ نيشنل هاء وي بلاڪ ڪيو ويندو۔