شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين يومِ شهادت بابت پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس، 27 ڊسمبر لاءِ ذميواريون مقرر

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين يومِ شهادت بابت پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس، 27 ڊسمبر لاءِ ذميواريون مقرر

عمرڪوٽ (رپور:ڪانجي مل رکيسر) شهيد جمهوريت، سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي 18هين يومِ شهادت جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد بينظير آباد، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت پارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙو ڪئي، جڏهن ته مرڪزي جنرل سيڪريٽري همايون خان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ميرپورخاص ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، صوبائي وزير ۽ جنرل سيڪريٽري مير طارق علي خان ٽالپر، انفارميشن سيڪريٽري تيمور مهر، ايم پي اي سيد امير علي شاه، پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي سينئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز علي سومرو، انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس، حبيب الله آريسر، نندلال ميگهواڙ، سيد غلام رسول شاه سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي چيئرمن ضلع ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي، وائيس چيئرمن ميان خالد ولهاري، تعلقه عمرڪوٽ صدر امين پلي، قاضي فهد پلي، تيمور هاليپوٽو، تعلقه سامارو صدر حاجي اعجاز راهو، جنرل سيڪريٽري ڏاتر سينهڙو، تعلقه ڪنري انفارميشن سيڪريٽري عباس رند، وائيس چيئرمن شيوانند سنڌي، تعلقه پٿورو جنرل سيڪريٽري حاجي احمد علي آريسر، عمرڪوٽ سٽي صدر عبدالله کوسو، جنرل سيڪريٽري چيتن ڪولهي ۽ پارٽي جي مختلف ذيلي ونگن جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ هاري ڪاميٽي، ليڊيز ونگ، ڪلچر ونگ، سپاف ونگ، سميت سمورن ٽائون ڪاميٽين، يونين ڪائونسلن جي صدرن، چيئرمنن ۽ بلدياتي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي دوران 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي يومِ شهادت جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرامن ۽ انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته مختلف ذميواريون به مقرر ڪيون ويون، اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ضلع عمرڪوٽ پاران يومِ شهادت تي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ويندي ۽ هميشه جيان عمرڪوٽ ضلعو پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو ثابت ٿيندو.