ڪيس متاثر پيرسن رجب ميمڻ بدران سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، 4 سڃاتل ۽ 10 اڻڄاتل نامزد
سجاول (رپورٽر) گذريل ڏينهن سجاول ۾ کلي ڪچهري دوران سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي خلاف شڪايت ڪرڻ تي هڪ شھري رجب ميمڻ تي بدترين تشدد وارو ڪيس ضلعي چيئرمين جي حامي جوابدارن خلاف داخل, پوليس مسلسل ميڍيا تي خبرون هلڻ ۽ معاملو سنڌ اسيمبلي تائين پهچڻ بعد ڪيس داخل ڪري ورتو گذريل ڏينهن صوبائي وزير شاهينه شيرعلي جي کلي ڪچهري دوران رجب ميمڻ نالي هڪ پيرسن شخص پاران سندس زمين تي مبينا طور تي قبضي جو الزام سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي تي هڻندي شڪايت ڪئي هئي جنھن تي مٿس بدترين تشدد ڪري کلي ڪچهري ۾ بدنظمي پيدا ڪئي وئي هئي, معاملي جون خبرون اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڍيا تي هلڻ ۽ اڄ سنڌ اسيمبلي تائين معاملو پهچڻ کانپوء سجاول ٿاڻي تي پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو داخل ڪيل ايف آء آر ۾ صبغت الله جت ولي محمد جت رضامحمد جت نوراحمد جت ۽ 10 ٻين اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو. رجب ميمڻ تي تشدد جو ڪيس سجاول ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت هيٺ قلم 353 , 186 ,504 , 506 , 147 ,149 پي پي سي تحت جهيڙي هنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جي الزامن تحت داخل ڪيو ویو، پوليس ڪيس ۾ نامزد صبغت الله جت، ولي محمد جت، رضا محمد جت ۽ نور احمد جت کي گرفتار ڪري ورتو
0 تبصرے