ٺٽي ويجهو معمولي تڪرار ٻن سگن ڀائرن جون حياتيون کسي ورتيون

ٺٽي ويجهو معمولي تڪرار ٻن سگن ڀائرن جون حياتيون کسي ورتيون

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو معمولي تڪرار ٻن سگن ڀائرن جون حياتيون کسي ورتيون، علائقي ۾ سوڳ، ٺٽو ويجهو ڪي ڊي اي موري وٽ بيليچو برادري سان تعلق رکندڙ ٻن سگن ڀائرن ــ نصير بيليچو ۽ لڌو بيليچو ولد خان بہادر بيليچو ــ وچ ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل تڪرار دوران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ٿي پئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ نصير بيليچو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ لڌو بيليچو سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال مکلي منتقل ڪيو ويو جتي هو به زخمن سبب حياتي وڃائي ويٺو. حادثي بابت اطلاع ملڻ تي لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس اسپتال پهتي. بيليچو برادري جي معزز ربڏنو بيليچو موجب ٻئي مٺا ڀاءُ سندس ڀتاجا هئا، جيڪي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي هڪ ٻئي تي گوليون هلائي ويٺا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي جهان فاني کان گذاري ويا. ٻنهي ڀائرن جون لاشون جڏهن ڳوٺ پهتيون ته گهر ۽ پاڙي ۾ ڪهرام مچي ويو، عورتون، مرد ۽ ٻار لاشن کي چمٽي روئي رهيا هئا. سڄو علائقو سوگ ۾ ٻڏي ويو