English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ ڪرڙ پير جي پرسرار جڳهه، واقعات ۽ حادثا ڳجهارت بڻجي ويا
254 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ روڊ تي بنديچہ اسٽاپ ۽ گڏاپ سٽي جي وچ ۾ واقع درگاهه ڪرڙ پير علائقي ۾ پيش ايندڙ پرسرار حادثن سبب مقامي آبادي تشويش ۾ مبتلا آهي۔ هن مقام تي گاڏين جا حادثا معمول بڻجي ويا آهن، جن ۾ ڪيترائي ماڻهو جان وڃائي ويٺا يا شديد زخمي ٿيا آهن۔درگاهه تي موجود خدمتگار هوندن جوکيو سان جڏهن هن ڳجهارت بابت پڇا ڪئي وئي ته هن ٻڌايو ته گهڻو ڪري اهڙا حادثا انهن ماڻهن سان پيش اچن ٿا، جيڪي نشي جي حالت ۾ هتان گذرندا آهن۔ سندس چوڻ ۾ ڪجهھ حد تائين سچائي نظر اچي ٿي، پر حقيقت اها به آهي ته ڪيترائي حادثا اهڙن ماڻهن سان پڻ ٿيا آهن، جيڪي زندگي ۾ ڪڏهن نشو به نه ڪندا هئا۔حادثي مان محفوظ بچندڙ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته کين اوچتو تيز هوا جو ڌڪ لڳو، جڏهن ته ڪجهه ٻين جو بيان آهي ته سندن گاڏي سامهون اوچتو ڪتو اچي ويو، جنهن سبب توازن بگڙي پيو۔ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنهن هنڌ تي اهي حادثا ٿين ٿا، اهو روڊ مڪمل طور سڌو ۽ صاف نظر اچي ٿو، جنهن ڪري واقعن جو سبب سمجهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪرڙ پير واري هن جڳهه تي ٿيندڙ بار بار حادثا هڪ ڳجهارت بڻجي ويا آهن ۽ هن بابت وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن حقيقت سامهون اچي سگهي ۽ مسافرن جي زندگين کي تحفظ ملي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ۾ ڪرڙ پير جي پرسرار جڳهه
0 تبصرے