English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ۽ اسپيشل پرسن لاءِ ثقافتي تقريب منعقد
284 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر ) سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء، ضلعي انتظاميه ۽ ڊپارٽمينٽ آف امپاورمنٽ آف پرسنز وِٿ ڊس ايبيليٽيز جي سهڪار سان ثقافتي ڏھاڙو ۽ اسپيشل پرسن لاءِ نجي گيسٽ ھائوس ۾ پروقار ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ مھمان خاص طور تي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ چيو تہ ثقافت جو ڏھاڙو امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء شاندار تقريب ڪرائڻ تي جس لھي، ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ خصوصي اسڪول جي ٻارن کي ثقافتي ڏهاڙي جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو مليو. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تہ اھڙا صحتمند پروگرام منعقد ڪرڻ سان ئي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ ناڪاري ڪردارن کي روڪي سگھجي ٿو. ان موقعي تي ان موقعي تي ضلعي آفيسر سيڪنڊري اسڪول مير حسن آريسر ۽ چيو تہ اسڪولن ۽ ڪميونٽي ليول تي صحتمند پروگرام پڻ ڪريا وڃن جن جي مقصد صحت ۽ تعليم جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ ھجي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ سماجي براين جي روڪٿام بابت تدريسي پروگرام پڻ ڪريا وڃن. ان موقعي تي پرنسپال اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريھيبليٽيشن سينٽر پير راحيل شاھ ڪميونٽي ورلڊ ايشيا جي عمل ساراھ ڪئي انھن ھميشه اسان جي سينٽر جي مدد ڪئي آهي عمرڪوٽ ضلعي ۾ مختلف اين جيوز ڪم ڪن ٿيون پر خاص طور اسان جا ٻار ميڊم ڪرن بشير کي ڏسي سچاڻي وڃن ٿا،ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ميڊم ڪرن بشير چيو تہ پروگرام جو مقصد وطن عزيز ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي، روايتن ۽ سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ خاص اسڪول جي ٻارن کي پنهنجي ثقافت کان روشناس ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي تقريب ۾ سرگرم طريقي سان شامل ڪرڻ هو، ھن وڌيڪ چيو تہ ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشياء صحت ۽ تعليم جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. آخر ۾ پروگرام ۾ حصو وٺندڙ اسڪولي و خصوصي ٻارن ۽ سٺي پرفارمنس ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ورھيا ويا۔ ان قريب ۾ صحت، تعليم, اطلاعات،اسپيشل ايجيوڪيشن, لوڪل گرونمنٽ آفيسرن سميت سماجي تنظيمن جي نمائندن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ڏهاڙو
ثقافت جو ڏھاڙو امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏي ٿو: نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے